Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

ڏيکاءُ، عيد ڏهاڙو هجي ته ڏيکاءُ۔ ڪاش...!! شهرت طلبي جهڙي هلاڪت ۾ وجھڻ واري باطني بيماري کان جان ڇٽي وڃي، ڪاش! اسان الله پاڪ جي رِضا ماڻڻ وارا بڻجي وڃون، ڪاش! زِندگي رضاءِ الٰهي وارن ڪمن ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: ٻه بکايل بگھڙ ٻڪرين جي ڌڻ ۾ جيتري تباهي مچائن ٿا، مال ۽ شُهرت جي محبت ان کان وڌيڪ تباهي انسان جي دين ۾ مچائيندي آهي۔

بھائیو!ہر دم بچو تم حُبِّ جاہ و مال سے     ہر گھڑی چوکس رہو شیطان کی اِس چال سے

دل میں یہ خواہش نہ رکھنا سب کریں میرا اَدب ڈر کہیں ناراض ہو جائے نہ تجھ سے تیرا رب

قلب میں خوفِ خدا رکھ کر تُو سارے کام کر   کامیابی ہو گی تیری اِنْ شاء اللّٰہ ہر ڈَگر([1])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! هن هنڌ هڪ ٻيو اَهم نڪتو آهي، اهو هي ته اها حديثِ پاڪ جنهن جي اسان وَضاحت ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪري رهيا آهيون، هن حديثِ پاڪ ۾ ارشاد فرمايو ويو ته الله پاڪ گمنامي پسند ڪرڻ واري شخص سان محبت فرمائي ٿو، هاڻي هڪ ٻي حديثِ پاڪ ٻڌو! حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ جڏهن الله پاڪ پنهنجي ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪندو آهي ته جبريل امين عَلَيه السَّلَام کي فرمائيندو آهي: اي جبريل! مان فلاڻي ٻانهي سان محبت ڪيان ٿو، تون به هن سان محبت ڪر۔ پوءِ حضرت جبريل عَلَيه السَّلَام به ان سان محبت ڪرڻ لڳندو آهي، پوءِ آسمان ۾ اهو اِعلان ڪرايو ويندو آهي ته بيشڪ الله پاڪ فلاڻي ٻانهي سان محبت ڪري ٿو، اي ملائڪو! توهان سڀ به هن سان محبت ڪيو...!! پوءِ آسمان جا سمورا ملائڪ به ان ٻانهي سان محبت ڪرڻ لڳندا آهن۔ (بخاری، کتاب: بَدْءُ الخلق، باب: ذِکْرِ ملائکہ، صفحہ:824، حدیث:3209) ۽ ترمذي شريف جي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:698ملتقطًا۔