Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

روايت ۾ آهي: پوءِ زمين وارن جي دِل ۾ اُن ٻانهي جي محبت لازِم ڪئي ويندي آهي۔ (ترمذی، کتاب: تفسیر القرآن، باب: سورۃ مریَم، صفحہ:730، حدیث:3161)

سُبحٰنَ الله! اي عاشقان رسول! غور فرمايو! هڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد ٿيو: جيڪو گمنامي کي پسند ڪري الله پاڪ ان سان محبت فرمائي ٿو، ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جنهن ٻانهي سان محبت فرمائي ٿو، ان ٻانهي جي محبت زمين وارن جي دِلين ۾ لازِم ڪئي ويندي آهي ۽ ملائڪ به ان سان محبت ڪن ٿا۔ معلوم ٿيو اَلله پاڪ گمنامي کي پسند ڪرڻ واري سان محبت فرمائي ٿو پر پنهنجي محبوب ٻانهي کي گمنام رهڻ ناهي ڏيندو۔

 ڏسو! حضرت اُوَيس قرني رَضِىَ اللهُ عَنۡه گمنامي اختيار ڪئي ته مڪي آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مديني پاڪ ۾ صحابي سڳورن ۽ خلفاءِ راشدين جي سامهون حضرت اُوَيس قرني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شان ۽ عظمت بيان فرمائي، حُضُور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه گمنامي پسند ڪندا هئا، الله پاڪ سندن عزت و شهرت کي اهڙي هميشگي عطا فرمائي جو اڄ صديون گذرڻ کان پوءِ به غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نالو زبان تي اچي ته اَدَب سان ڪنڌ جھڪي ويندا آهن، داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه شهرت طلبي کان پاڪ هئا، سندن دربار شريف تي اڄ به ماڻهن جو هجوم رهندو آهي، سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي گھر رهي قلم جي ذريعي دِين جي خدمت ڪئي، شهرت طلبي کان گھڻو پري رهيا، الله پاڪ مَسلڪ رضا کي سڄي دُنيا ۾ عام ڪري ڇڏيو۔ معلوم ٿيو ته جيڪو ٻانهو شهرت طلب ڪري، دُنيا جي عارضي، فاني ڪوڙي شهرت جي پويان ڀڄندو وتي، ان کي جيڪر شهرت ملي به وڃي ته عارِضِي ملندي آهي، پوءِ آخرڪار هڪ نه هڪ ڏينهن هو قبر ۾ لهي ويندو آهي ۽ گڏوگڏ ان جي شهرت به ختم ٿي ويندي آهي پر جيڪي شهرت جا طلب گار نه هجن بلڪه صِرف پنهنجي مالِڪ ۽ موليٰ جي، پنهنجي پاڪ پروردگار جي رِضا چاهيندا هجن، اهي چاهي بظاهر دُنيا کان پردو ڪري وڃن پر انهن جي شهرت، اُنهن جي عزّت، اُنهن جي محبت دلين ۾ اڳ