Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

جيان برقرار رهندي آهي۔ صُوفي سڳورا فرمائن ٿا: مَنْ طَلَبَ الْمَوْلَا فَلَہُ الْکُلُّ جيڪو پنهنجي مالِڪ جي رِضا چاهي ٿو، الله پاڪ ان کي سڀ ڪجھ عطا فرمائيندو آهي.

پر هن هنڌ هڪ باريڪ شيطاني چال کان بچڻ به گھڻو ضروري آهي، امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بعض اوقات شيطان مخلص دوست بڻجي وسوسو وجھندو آهي، هو چوندو آهي: اي شخص! تون لڪي نيڪ عمل ڪر، الله پاڪ خود ئي تنهنجا عمل ماڻهن ۾ مشهور ڪندو. امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اها به شيطان جي ڳجھي چال آهي، هيئن چئي شيطان ٻانهي کي رِيا ڪاري (ڏيکاء) ۾ مبتلا ڪندو آهي، جنهن کي اهي وسوسا اچن، ان کي گھرجي ته هنن وسوسن کي اهو چئي ناڪام بڻائي ته مان شهرت جو طلب گار نه آهيان، مان نٿو چاهيان ته منهنجون نيڪيون عوام ۾ مشهور ٿين، مان ته بَس الله پاڪ جي رِضا چاهيان ٿو، هو منهنجن عملن کي ظاهر ڪري يا نه ڪري، هي ان جي مرضِي آهي۔ (منہاج العابدین، صفحہ: 136)

 پيارا اسلامي ڀائرو! بهرحال! اڄ جي سڄي بيان جو خلاصو اهو آهي ته بيشڪ الله پاڪ تقويٰ واري، غني يعني دُنيا، دُنياوي مال ودولت کان بي نياز رهندڙ ۽ گمنامي جي خواهش رکندڙ ٻانهي سان محبت فرمائي ٿو۔ الله پاڪ اسان کي به اهي ٽئي اعليٰ وصفون نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

قلب میں یاد تیری بسی ہو           ذِکْر لب پر ترا ہر گھڑی ہو

مستی و بےخودی اور فنا کی          میرے مولیٰ تو خیرات دے دے

نفس نے لذّتوں میں پھنسایا          مجھ پہ لطف و کرم ہو خدایا

دِل سے چاہت مٹا ماسِوَا کی          میرے مولیٰ تو خیرات دے دے

کرنا رَحْمت خُدا مجھ پہ اپنی           رکھ عنایت سدا مجھ پہ اپنی

دائِمی اور حتمی رضا کی             میرے مولیٰ تُو خیرات دے دے