Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

”نهاوند“ ۾ اسلامي لشڪر جا حالات ڏسي به ورتا ۽ اُنهن تائين پنهنجو آواز پهچائي به ڇڏيو، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر جمعرات تي بريلي شريف کان مدينه منوره حاضِري ڏيندا هئا، اهو سڀ انهيء خُدائي طاقت جا ڪرشما آهن، جيڪو الله پاڪ پنهنجي محبوب ٻانهن کي عطا ڪندو آهي۔ (مرآۃُ المَنَاجیح، جلد:3، صفحہ:490) مولانا رُوم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

گُفْتَۂ ِ اُوْ گُفْتَۂِ اللہَ بَوَد                                                                                                                                  گَرْچِہْ اَزْ حُلْقُومِ عَبْدُ اللہ بَوَد

يعني: الله پاڪ جي محبوب ٻانهي جي زبان مان نڪتل ڳالھ، حقيقت ۾ الله پاڪ ئي جو فرمان هوندو آهي۔

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو آهي ان شخص جو شان جنهن سان الله پاڪ محبت ڪري ٿو ۽ الله پاڪ ڪهڙي شخص سان محبت ڪري ٿو؟ اسان شروع ۾ حديثِ پاڪ ٻُڌي، الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 3 صِفتون بيان ڪري فرمايو ته جنهن شخص ۾ اهي صِفتون هونديون، الله پاڪ اُن شخص سان محبت ڪندو آهي۔

پهرين صِفَّت: تقويٰ۔  ٻي صفت: غِنَا۔ ۽ ٽئين صفت آهي: گمنامي۔

محبت میں اپنی گما یااِلٰہی            نہ پاؤں میں اپنا پتا یااِلٰہی

رہوں مَسْت و بےخود میں تیری وِلا میں    پِلا جام ایسا پِلا یااِلٰہی

مرے دِل سے دُنیا کی چاہت مٹا کر      کر اُلفت میں اپنی فنا یااِلٰہی

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ       گُنَاہوں سے ہردَم بچا یااِلٰہی([1])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:105ملتقطًا۔