Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

رهيو آهي، ته اهو به دُرُست آهي ۽ جيڪڏهن ڪو چوي ته ڊرائيور پُوري بَس کي مڪي کان مديني وٺي وڃي رهيو آهي ته اها ڳالھ به دُرُست آهي، ٻنهي جو مطلب هڪ ئي ٿيندو ته 72 مُسَافِر جيڪي بَس ۾ ويٺل آهن، ڊرائيور بَس کي هلائيندي انهن کي مڪي شريف کان مديني پاڪ وٺي وڃي رهيو آهي۔

اهڙي طرح الله پاڪ هڪ هنڌ تي ارشاد فرمايو ته قرآنِ ڪريم تمام انسانن جي لاءِ هدايت آهي، ٻي هنڌ فرمايو: قرآنِ ڪريم متقي ماڻهن جي لاءِ هدايت آهي۔ انهن ٻنهي آيتن کي ملايو وڃي ته مطلب اهو نڪرندو ته جيڪو اِنسَان آهي اهو ئي متقي آهي ۽ جيڪو متقي آهي اهو ئي حقيقت ۾ اِنسان سڏائڻ جو حق دار آهي۔

عالم سڳورن تقويٰ جا ست (7) درجا بيان ڪيا آهن، انهن مان پهريون درجو آهي: ايمان۔ يعني جنهن شخص سچي دِل سان ڪلمو پڙھي ورتو، دائرهِ اسلام ۾ داخِل ٿي ويو، توڙي جو ان جي تقويٰ ابتدائي درجي جي آهي پر اهو متقي ئي چئبو۔ پر اهو شخص جنهن ڪلمو ئي نه پڙھيو، ڪفر جي دلدل ئي ۾ ڦاٿل آهي، هي اهو آهي جنهن جي اندر ذري برابر به تقويٰ نه آهي، ان جي باري ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اُولٰٓىٕكَ كَالْاَنْعَامِ بَلْ هُمْ اَضَلُّؕ-  (پاره9،سورةالاعراف:179)

ترجمو ڪنزالايمان: اهي چؤپاين وانگر آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ

خبر پئي ته..!! جنهن ۾ ذري برابر به تقويٰ نه آهي يعني جيڪو ڪافِر آهي، جيڪو غير مُسلِم آهي، اهو ظاهر ۾ جيتوڻيڪ انسان ئي آهي، ان جا هٿ آهن، پير آهن، اکيون، نڪ، وات، ڪن سڀ ڪجھ آهي، شڪل ۽ صُورت سڄي انسانن جھڙي ئي آهي پر هو انسان سڏائڻ جو حق دار نه آهي بلڪه انساني شڪل ۾ جانور بلڪ جانورن کان به بَدتَر آهي، ڇوته جانور ته پنهنجي خالق ۽ مالڪ کي سڃاڻن ٿا ۽ ان کي مڃن ٿا پر اهو بدبخت عقل رکندي به پنهنجي