Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

   سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! اهو آهي اسان جو مدينو پاڪ.....!! جتي ملائڪن جي حاضِري ٿيندي آهي، جتي ملائڪن جا سردار حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام بار بار حاضِر ٿيندا رهيا آهن ته اسان آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا غُلام، پنهنجي ڪريم داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا فقير ڇو نه اتي جي حاضِري جي لاءِ تڙپ رکنداسين؟ اسان ذِڪرِ مدينه ڇو نه ڪيون؟ الحمد لله! اسان ذِڪرِ مدينه ڪندا هئاسين، ڪندا آهيون ۽ اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ذِڪرِ مدينه ڪندا رهنداسين.

چلو مِل کے کرتے ہیں ذِکْرِ مدینہ                پہنچ جائیں گے اِنْ شَآءَ اللہ! مدینہ

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

    بهرحال! اي عاشقانِ رسول! اچو! ذِڪرِ مدينه ڪندي مديني پاڪ جا مبارڪ نالا ۽ انهن جي وَضَاحت ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيون ٿا.

  سڀ کان پهريان ته اها ڳالھ ياد رکو ته مدينو پاڪ دُنيا جو واحِد شهر آهي جنهن جا 100 کان وڌيڪ نالا آهن، ان کان علاوه دُنيا ۾ ڪو اهڙو شهر ناهي جنهن جا ايترا گھڻا نالا هجن، شيخ عبد الحق مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مديني پاڪ جا ايترا گھڻا نالا هئڻ سان خبر پوي ٿي ته اهو مبارڪ شهر ڪيڏو عظمتن ڀريو آهي (جزبُ الْقلُوب، صفحہ:9)، ڏسو! ڏسو! الله پاڪ عظمتن وارو آهي، الله پاڪ بُلند شان وارو آهي ۽ الله پاڪ جا پاڪيزه نالا به ڳڻپ ۽ شُمار کان ٻاهر آهن، الله پاڪ جي صِفَاتي نالن جي ڳڻپ ئي نٿي ڪري سگھجي۔ اهڙي طرح مخلوق ۾ سڀ کان افضل اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا به هزارين صِفَاتي نالا آهن، اهڙي طرح شهرن ۾ جيئن ته مدينو اَفضَل ۽ اَعليٰ شهر آهي ان ڪري مديني پاڪ جا به 100 کان وڌيڪ نالا آهن۔

نبیوں میں جیسے افضل و اعلیٰ ہیں مصطفےٰ             شہروں میں بادشاہ ہے مدینہ حضور کا