Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿيل مديني پاڪ جا نالا

(1-3): مدينو، مُدخَلُ صِدق، اَرضُ الله

اي عاشقانِ رسول! اي عاشقانِ مدينه! مدينه مُنَوَّر جي انهن 100 کان وڌيڪ نالن ۾ ڪيئي نالا اهي آهن جيڪي الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيا آهن بلڪ مديني پاڪ جو معروف نالو يعني ”مَدِينَه“ به قرآنِ ڪريم ۾ 4 ڀيرا آيو آهي۔

  ان کان سواءِ سيپاري 15، سوره بني اسرائيل، آيت: 80 ۾ مديني پاڪ جي لاءِ لفظ ”مُدخَلُ صِدقٍ“ استعمال ڪيو ويو آهي، يعني داخِل ٿيڻ جي چڱي ۽ سچي جڳھ۔

اهڙي طرح سيپاري: 5، سوره نِسَآء، آيت:97 ۾ ملائڪن جي زباني ارشاد ٿيو:

اَلَمْ تَكُنْ اَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةً فَتُهَاجِرُوْا فِیْهَاؕ-  (پاره5،سورةالنساء:97)

ترجموڪنزالايمان: ڇا الله جي زمين کليل نه هئي جو توهان ان ۾ هجرت ڪريوها.

عالم سڳورا فرمائن ٿا: هن آيت ۾ ”اَرضُ الله“ مان مراد مدينو پاڪ آهي۔ (وفاء الوفاء(مترجم)، جلد:1، صفحہ:52)

(4-5):دارُ الهجرت، دارُ الاِيمان

  سيپاري: 28، سوره حَشر، آيت: 9 ۾ مديني پاڪ جا ٻه نالا ذڪر ڪيا ويا آهن:

          (1): دارُ الهجرَة، ۽  (2): دارُ الاِيمان۔

ارشاد آهي:

وَ الَّذِیْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَ الْاِیْمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ   (پاره28،سورةالحشر:9)

ترجموڪنزالايمان:۽ جن اڳي کان هن شهر ۽ ايمان ۾ گهر ٺاهي ورتو.