Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

عَلَّامه بيضاوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي هڪ معني بيان ڪندي فرمائن ٿا: تَبَوَّؤُوْا دَارَ الْهِجْرَةِ وَدَارَ الْاِيْمَانِ اهي ماڻهو جن دارُ الهجرت ۽ دارُ الاِيمان کي پنهنجو گھر بڻايو ۽ هن مان اَنصاري صحابي سڳورا عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان مراد آهن جو انهن جو صِدق ۽ سچائي ظاهر ٿي، انهن پهريان کان مديني پاڪ ۾ رهائش کي لازِم رکيو، اِيمان آڻي مديني پاڪ ۾ رهائش تي ۽ اِيمَان تي ثابِت قدم رهيا۔

  عَلَّامه بيضاوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: هن آيت ۾ الله پاڪ مديني پاڪ کي ”اِيمان (يا دارُ الاِيمَان) فرمايو، ان جو سبب اهو آهي ته ايمان مديني پاڪ ئي کان ڦهليو آهي ۽ ٻيهر ان ڏانهن موٽي ويندو۔ (حاشیہ شیخ زادہ تفسیر بیضاوی ، پارہ:28، الحشر، تحت الآیۃ:9، جلد:8، صفحہ:167) مُعجَمِ اَوسط جي حديثِ پاڪ آهي، منهنجي پياري نبي، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: اَلمَدِينَةُ دَارُ الاِيمَان مدينو ايمان جو گھر آهي۔

 (المعجم الاوسط، جلد:4، صفحہ:174، حدیث:5618)

ایمان ملا ان کے صدقے، قرآن ملا ان کے صدقے

رحمٰن ملا ان کے صدقے، وہ کیا ہے جو ہم نے پایا نہیں

اي عاشقانِ رسول! هن آيت سڳوري مان معلوم ٿيو ته مدينو مُنَوَّر دارُ الهجرَة به آهي ۽ دارُ الاِيمان به آهي بلڪه مديني پاڪ جو هڪ نالو ”قَلبُ الاِيمان (يعني ايمان جي دِل)“ به آهي ۽ هڪ حديثِ پاڪ ۾ ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مديني پاڪ جي ”اِيمان وارو“ هئڻ تي قسم کنيو، فرمانِ آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : وَالَّذِي نَفسِي بِيدِهٖ ان ذات جو قسم جنهن جي هٿ منهنجي جان آهي اِنَّ تُربَتَها المُؤمِنَة بيشڪ مديني پاڪ جي زمين مؤمنه آهي۔ (ارشاد الساری، جلد:3، صفحہ614)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد