Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

(6): مديني پاڪ جو مبارڪ نالو: حَسَنه

اي عاشقانِ رسول! هڪ مقام تي الله پاڪ مديني پاڪ کي ”حَسَنَه“ فرمايو، سيپاري 14، سوره نحل جي آيت: 41 ۾ اِرشاد ٿئي ٿو:

وَ الَّذِیۡنَ ہَاجَرُوۡا فِی اللّٰہِ  مِنۡۢ  بَعۡدِ مَا ظُلِمُوۡا لَـنُبَوِّئَنَّہُمۡ فِی الدُّنۡیَا حَسَنَۃً ؕ

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جن الله جي واٽ ۾ گهرٻار ڇڏيو مظلوم ٿي ڪري ضرور اسان انهن کي دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏينداسين.

هيءَ آيت سڳوري هجرت ڪرڻ وارن اصحابن سڳورن بابت نازِل ٿي يعني اهي صحابه ڪرام جن هجرت کان پهريان مڪّهءِ مڪرمه ۾ اسلام قبول ڪيو، مڪي جي ڪافرن انهن تي ظلم و سِتَم وڌائي ڇڏيو، انهن کي اسلام جي تعليم تي عمل نه ڪرڻ ڏيندا هئا، الله پاڪ جي حڪم سان انهن مڪي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان مديني پاڪ ڏانهن هجرت ڪئي، الله پاڪ انهن صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان کان وَعدو فرمايو:

لَنُبَوِّئَنَّهُمْ فِی الدُّنْیَا حَسَنَةًؕ-  (پاره14،سورةالنحل:41)     

ترجمو ڪنزالايمان: ضرور اسان انهن کي دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏينداسين.

سُبحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان کان وعدو فرمايو ته انهن کي دُنيا ۾ رهڻ جي لاءِ ”حَسَنَه (يعني سٺي جڳھ) عطا ڪئي ويندي ۽ پوءِ اهو وعدو ڪيئن پُورو ٿيو...؟ سڀني کي خبر آهي ته الله پاڪ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَانکي مديني پاڪ ۾ رهڻ نصيب فرمايو، معلوم ٿيو ته مدينو پاڪ ”حَسَنَه يعني خوبصورت، عمده ۽ بهترين“ آهي۔