Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

مديني پاڪ کي حَسَنَه ڇو چوندا آهيون؟

 اي عاشقانِ رسول! ”حَسَنَه“ جي معني آهي: عمده ۽ بهترين جڳھ۔ الحمد لله! * مدينو پاڪ هر اعتبار سان تمام عمده، بهترين ۽ نهايت حسين آهي * مدينو پيارو پيارو آهي، * مديني جا باغ پيارا پيارا آهن * مديني پاڪ ۾ بلند ۽ اوچا جبل آهن * عاشقن کي مديني جي فضا به گھڻي وڻي ٿي * مديني جون عمارتون به گھڻيون وڻن ٿيون * مديني جا گنبذ به سٺا لڳندا آهن * مديني ۾ پياري نبي، سچي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيارن پيارن صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان جا مزار آهن * نبين جي نبي، آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شهزادين جا * اُمَّهاتُ المؤمنين مان اَڪثَر جا مزار مديني ۾ آهن * بقيعِ پاڪ ۾ صحابه ڪرام، اَهلِ بيتِ اطهار، تابعين، تبع تابعين، عُلَماءِ ڪرام، اَولياءِ ڪرام آرام فرما آهن * بلڪ پياري نبي، سچي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا پيارا ۽ سچا والِدِ ماجِد حضرت عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه به مديني پاڪ ئي ۾ آرام فرما آهن * ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو جو سڀني حَسِينن جا حَسِين، سڀني سٺن کان سٺا، سڀني سچن کان سچا اسان جا پيارا نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به هتي، مديني پاڪ ئي ۾ تشريف فرما آهن * مديني پاڪ جي هر شيء سٺي آهي * هتي جو ذَرّو ذَرّو خوبصُورت آهي * هتي جا سمورا مقامات سٺا * سمورا جبل سٺا * فضائون سٺيون * هوائون سٺيون * مديني پاڪ جي صبح سٺي * مديني پاڪ جي شام سٺي * مديني پاڪ جي ڇانو سٺي * مديني پاڪ جي اُس سٺي * مديني پاڪ جا گل سٺا * مديني پاڪ جا ڪنڊا * مديني ۾ موجود مزارات سٺا * مديني ۾ موجود، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پهلو ۾ آرام فرما يارِ غار سٺا، يارانِ مزار سٺا بلڪ پاڻ مديني جا والي، سرڪارِ عالي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته سڀني سٺن کان سٺا، سڀني سچن کان سچا، جڏهن ته مديني پاڪ ۾ سڀ ڪجھ ئي سٺو، عمده، بهترين، حَسِين تَرِين آهي ته مديني پاڪ جو نالو به ٿيو: ”حَسَنَه“ يعني عمده، بهترين ۽ حَسِين ترين شهر۔