Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

سارے نبیوں کا سرور مدینے میں ہے      سب رسولوں کا افسر مدینے میں

لطف جنت سے بڑھ کر مدینے میں ہے      میٹھے محبوب کا گھر مدینے میں ہے

کیا ہوا بھی مُعَطَّر مدینے میں ہے                سب فضا بھی منور مدینے میں ہے

جانتے ہو مدینہ ہے کیوں دل پسند             دونوں عالَم کا سرور مدینے میں ہے

سبز گنبد کا عطار منظر تو دیکھ                     کس قدر کیف آور مدینے میں ہے

(وسائل بخشش، صفحہ:489-490)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت شيخ عبد الحق محدِّث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مدينو پاڪ اهو مبارڪ، نوراني شهر آهي جو نور ان سڄي شهر جو اِحاطو ڪري رکيو آهي ۽ مديني پاڪ جي سڄي حُسن جو اَصل سبب اهو ئي آهي جو هتي خاتَمُ النَّبِيين، حُضُور رَحمَة لِّلعَالَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما آهن، وڌيڪ فرمائن ٿا: اهو حُسن ۽ خوبصُورتي جيڪا صِرف دِل جي اکين سان ڏسي سگھجي ٿي اها به صِرف انهيء شهر پاڪ ۾ آهي، ان کان عِلاوه نه ڪٿي ڏٺي، نه ٻُڌي۔ ها! ان کان عِلاوه جتي به نورانيت، حُسن ۽ خوبصُورتي نظر ايندي آهي اها مديني پاڪ ئي جي ڪري آهي، انهيء جي نُور جا ڪرڻا آهن، (تاریخ مدینہ، صفحہ:9) مثال طور * عاشقن کي بغداد به سٺو لڳي ٿو ڇوته اتي غوثِ پاڪ تشريف فرما آهن *عاشقن کي لاهور به سٺو لڳي ٿو ڇوته اتي داتا حُضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تشريف فرما آهن * عاشقن کي اجمير شريف به سٺو لڳي ٿو ڇوته اتي خواجه غريب نواز آهن * عاشقن کي بريلي شريف به سٺو لڳي ٿو ڇوته اتي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت تشريف فرما آهن، ان تمام شهرن ۾ به نُور آهي پر اهو نُور، اهو حُسن جيڪو عاشقن جي اک ئي ڏسي سگھي ٿي، اهو سڄو نُور به اَصل ۾ مديني پاڪ جي نورانيت جا ڪرڻا آهن۔ امامِ عشق ومَحَبَّت، سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: