Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

جو نالو طابَه رکيو آهي. (مسلم، کتاب: الحج، صفحہ:513، حدیث:1385) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّ اللہَ اَمَرَنِیْ اَنْ اُسَمِّیَ الْمَدِیْنَۃَ طَابَةَ بيشڪ الله پاڪ مون کي حڪم ڏنو ته مديني جو نالو طابَه رکان۔ (معجم کبیر، جلد:2، صفحہ:51، حدیث:1954) حضرت وَهب بِن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان روايت آهي ته تورَيت شريف (يعني حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي نازِل ٿيندڙ آسماني ڪتاب) ۾ مديني پاڪ جو نالو ”طابَه، طَيۡبَه ۽ طَيبَه“ آهي۔ (تاریخ المدینہ، فی اسماء المدینہ، جلد:1، صفحہ:163)

اي عاشقانِ رسول! مديني پاڪ جا اهي ٽئي نالا (طَابَه، طَيۡبَه ۽ طَيّبَه) ”طِيبٌ“ مان نڪتا آهن، طِيبٌ جي لفظي معني آهي: لذَّت بخش، جيڪا شيء ظاهري حَوَّاس (اک، نڪ، ڪن وغيره) کي ۽ دِل کي لذّت بخشي ان کي عربي ۾ ”طِيبٌ“ چيو ويندو آهي، لهٰذا مديني پاڪ جي انهن ٽنهي نالن (طَابَه، طَيۡبَه ۽ طَيبه) جو مطلب ٿيندو: لذّت بخش شهر، خوشبو دار شهر، اهو مبارڪ شهر جنهن کي ڏسي اکين کي لذّت ملي، اهو مقدس شهر جنهن جي فضائن ۾ ساھ مهڪي وڃن، اهو عزّت وارو شهر جنهن جي هوائن جي مهڪ سان دماغ  مُعَطَّر ٿي وڃن ۽ اهو مبارڪ شهر جو جتي پهچي دِل کي سڪون ملي ٿو، غم پري ٿين ٿا، ڏکايل دِل کي چين ملي ٿو۔ امام اهلسنت اعليٰ حضرت جا ڀاءُ، مولانا حَسَن رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

مِٹَیں سب ظاہِر و باطِن کے امراض         مدینہ کی ہے یہ آب و ہَوا خوش

نہیں جاتِیْں کبھی دَشْتِ نبی سے               کچھ ایسی ہے بہاروں کو فضا خوش

مدینہ کی اگر سَرحد نظر آئے                     دلِ ناشاد ہو بے انتہا خوش

(ذوقِ نعت، صفحہ:139-140)

 مديني پاڪ کي طابَه، طَيۡبَه ۽ طَيّبَه ڇو چيو ويندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! مديني پاڪ کي ”طابَه، طَيۡبَه ۽ طَيبَه“ ڇو چيو ويندو آهي، ان جي وضاحت ڪندي حضرت شيخ عبد الحق محدِّث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه