Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

فرمائن ٿا: مدينو پاڪ پاڪيزه شهر آهي، ان ڪري ان کي طَابَه، طَيۡبَه ۽ طَيبَه چيو ويندو آهي، پوءِ ان جي پاڪيزگي ڪيئي اعتبار سان آهي، مثال طور مديني پاڪ جي پاڪيزه زمين ڪفر ۽ شرڪ جي نجاست کان پاڪ آهي، مديني پاڪ جي پاڪيزه زمين، ان جي پاڪيزه موسم، ان جون خوشبودار مهڪندڙ فضائون طبيعت جي بلڪل موافق آهن، اهڙي طرح عالم سڳورا فرمائن ٿا: مديني پاڪ جي پاڪيزه مٽي، ان جي در و ديوار مان اهڙي بهترين خوشبو ايندي آهي جنهن جو مثال دُنيا جي ڪنهن خوشبو ۾ ناهي ملندو۔     (تاریخ مدینہ، صفحہ:5خلاصۃً)

عرصہ ہوا طیبہ کی گلیوں سے وہ گزرے تھے             اس وقت بھی گلیوں میں خوشبو ہے پسینے کی

اي عاشقانِ رسول! جيستائين اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مديني پاڪ ۾ تشريف فرما نه ٿيا هئا، ان وقت ان سرزمين کي ”يثرِب“ چيو ويندو هو، يعني وبائن، بلائن جي سرزمين۔ پر جيئن ئي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هتي تشريف آوري ٿي ته اها زمين ”يثرِب“ کان ”طَابَه، طَيۡبَه ۽ طَيبَه“ ٿي وئي، امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه روايت ڪن ٿا ته حضور نبي رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو هڪ ڀيرو مدينه کي يثرب چوي اهو ان جي ڪفاري ۾ 10 ڀيرا مدينه چوي۔ (تاریخ الکبیر، باب:العین، عثمان بن حفص، جلد:6، صفحہ:62، رقم:8282)

    معلوم ٿيو مدينو پاڪ پاڪيزه آهي، مدينو پاڪ لذّت بخش آهي، مدينو پاڪ خوشبودار آهي ان ڪري جو انهن فضائن ۾ خوشبودار آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پساهن جي مهڪ رچيل آهي۔

آ ادھر روح کی ہر تِہْ میں سَمَو لُوْں تجھ کو           اے  ہوا تونے تو سرکار کو دیکھا ہو گا

حضرت امام شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه روشن ضمير ۽ اَهلِ دِل عالمن مان آهن، پاڻ فرمائن ٿا: مديني پاڪ جي مٽي ۾ هڪ خاص خوشبو آهي اهڙي خوشبو مشڪ