Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

و عنبر ۾ به ناهي ۽ هن ۾ ڪا تعجب جي ڳالھ به نه آهي، ان ڪري جو هي اهو پاڪيزه شهر آهي، هي اها پاڪيزه سرزمين آهي جنهن جي فضائن ۾ خوشبوئن واري آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پساهن جي مهڪ آهي، حضرت ابو عبد الله عطار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

بِطِیْبِ رَسُوْلِ اللہِ طَابَ نَسِیْمُہَا                                                                      فَمَا لِلْمِسْکِ وَ الْکَافُوْرِ وَ الصَّنْدَلِ الرَّطَبِ

(السکینہ باخبار المدینہ، صفحہ:9)

يعني مدينو پاڪ اهو مبارڪ، مقدس ۽ پاڪيزه شهر آهي جيڪو خوشبودار آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشبوئن سان جنهن جون فضائون مهڪي رهيون آهن، پوءِ ان اعليٰ ترين خوشبو جي سامهون مُشڪ، ڪافُور ۽ صندل وغيره جي ڪهڙي حيثيت...!!

مدینہ مدینہ ہمارا مدینہ                             ہمیں جان و دِل سے ہے پیارا مدینہ

سہانا سہانا، دِل آرا مدینہ                       دِیوانوں کی آنکھوں کا تارا مدینہ

یہ رنگیں فضائیں، یہ مہکی ہوائیں               مُعَطَّر مُعَطَّر ہے سارا مدینہ

مدینے کے جلووں کے قربان جاؤں        خُدا نے ہے کیسا سَنْوارا مدینہ

(وسائل بخشش، صفحہ:355)

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشبوئن جي به ڇا ڳالھ ڪجي..!! * منهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جِسمِ پاڪ به خوشبودار، * منهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پگھر مبارڪ به خوشبودار * منهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو لُعَاب شريف (يعني ٿُڪ مبارڪ) به خوشبودار * منهنجا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنهن شيء کي هٿ لڳائن اها به خوشبودار ٿي ويندي آهي، * منهنجا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جتان کان لنگھن، اهي راهون خوشبوئن سان مهڪجي وينديون هيون۔ سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: