Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

مُشکِل جو سَر پر آ پڑی، تیرے ہی نام سے ٹلی                    مُشکِل کُشا ہے تیرا نام، تجھ پر دُرُود اور سَلام

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيت تي آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)

 اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مدينه مُنَوَّرھ محبوب ترين شهر آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مَڪه مُڪرَّمَه ۾ 53 سال رهائش رکيائون، 40 سالن جي عمر مبارڪ ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي پهرين وحي نازِل ٿي، ان کان پوءِ ٽن سالن تائين پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پوشيده طور تي اسلام جي دعوت ڏيندا رهيا، پوءِ نبوت جي ٽئين سال الله پاڪ جو حڪم ٿيو ته اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هاڻي اعلانيه طور اسلام جي دعوت ڏيو۔ پوءِ پياري آقا، سيدِ انبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صَفَا جبل تي وڃي اعلانيه طور تي مڪي وارن کي اسلام جي دعوت ارشاد فرمائي.