Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

عنبر زمین، عَبِیر ہوا، مُشْک تَر غُبار             اَدْنیٰ سِی یہ شَنَاخت تری رہ گزر کی ہے

(حدائق بخشش، صفحہ:225)

  منهنجا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪهڙي راھ تان گذريا آهن يا نه؟ ان جي ڪيئن خبر پوي؟ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن شعر ۾ ان جي سڃاڻپ ٻڌائي آهي، فرمائن ٿا: زمين اهڙي خوشبودار ٿي ويندي جيئن عنبر هجي، هوا عبير نالي خوشبو جيان مهڪجي وڃي ۽ گرد و غُبَار مان مشڪ جهڙي خوشبو اچڻ لڳي ته اهو اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي راھ جي اَدنيٰ سڃاڻپ آهي۔

 ۽ اها صِرف شاعِري نه بلڪه حقيقت آهي، صَحَابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان فرمائن ٿا: جڏهن اسان کي سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ تائين پهچڻو هوندو هو ته سندن خوشبو جي مهڪ کي سونگھي سونگھي پهچي ويندا هئاسين۔ (کَشْفُ الْغُمَّہ، جزء:2، صفحہ:64)

کیا مہکتے ہیں مہکنے والے                         بُو پہ چلتے ہیں بھٹکنے والے

(حدائق بخشش، صفحہ:163)

 پيارا اسلامي ڀائرو! اها ته آهي سرڪارِ عالي وقار، سرڪارِ خوشبودار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشبو...!! اِمَام جَزُولي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جنهن دَرُودِ پاڪ جي باري ۾ ڪتاب لکيو آهي، سندن وِصَال جي 77 سالن کان پوءِ ڪنهن سبب سندن قبر کولي وئي ته ان مان خوشبو ۽ هُٻڪار اچي رهي هئي، (دلآئل الخیرات مترجم، صفحہ:14خلاصۃً) امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن سڄي زِندگي سرڪارِ مدينه، سردارِ مڪه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشبودار فرمان يعني احاديثِ مبارڪه جي خدمت ڪئي، سندن قبر مبارڪ جي مٽي مان خوشبو ايندي هئي، ماڻهو امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي قبر جي مٽي کي بطور تبرڪ کڻي ويندا هئا۔ خبر پئي ته اسان جي آقا وموليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته آهن ئي خوشبو دار، جيڪو سندن دامنِ ڪرم