Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

سان وابسته ٿي وڃي، جيڪو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪثرَت سان ذِڪر ڪري، ڪثرَت سان درود شريف پڙھي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حديثن جي خِدمت ڪري اهو به خوشبودار ٿي ويندو آهي ته پوءِ مديني پاڪ جي پاڪيزه زمين، مديني پاڪ جون پاڪيزه هوائون، مديني پاڪ جون صاف سٿريون فضائون ڇو نه مهڪنديون جو هتي مڪي آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 10 سال ظاهري زِندگي ۾ قيام ڪيائون ۽ هاڻي به انهيء مبارڪ شهر ۾ تشريف فرما آهن۔

شاہ تم نے مدینہ اپنایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی

اپنا روضہ اسی میں بنوایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی

ہر طرف بھینی بھینی ہے خوشبو، سوز ہی سوز ہر جگہ ہر سُو

فرش تا عرش نور ہے چھایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی

بَس مدینہ، مدینہ وِرْدِ لب، کاش! اکثر رہے یارَبّ

دِل کو نامِ مدینہ ہے بھایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی

(وسائل بخشش، صفحہ:388-390)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(10): مدينو پاڪ ”شافِيه“ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! مديني پاڪ جي پيارن پيارن، سهڻن سهڻن، سٺن سٺن نالن مان هڪ پيارو نالو آهي: اَلشَّافِيه يعني شِفَا ڏيڻ وارو شهر۔ * مديني پاڪ جو اهو نالو ان ڪري آهي جو الله پاڪ جي حبيب، طبيبن جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: غُبَارُ المَدِينَة شِفَاءٌ مديني پاڪ جو غُبَار شِفَا جو سبب آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ:355، حدیث:5753) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ ته پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قسم کڻي فرمايو: وَالَّذِي نَفسِي بِيدِهٖ ان ذات جو قسم جنهن جي قبضهء قُدرت ۾ منهنجي جان آهي اِنَّ  فِیْ غُبَارِھَا شِفَاءً مِّنْ کُلِّ دَآءٍ