Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

بيشڪ مديني پاڪ جي غُبار ۾ هر بيماري جي شِفَا آهي۔ (الترغیب والترہیب، فی سکنی المدینہ، صفحہ:416، حدیث:28) * بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، اُمُّ المؤمنين، بي بي عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا فرمائن ٿيون: ڪنهن شخص کي ڦٽ ڦُرڙي وغيره ٿيندي هئي ته طبيبن جا طبيب، الله پاڪ جا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آڱر مبارڪ رکي فرمائيندا هئا: بِسْمِ اللہ! الله پاڪ جي حڪم سان اسان جي شهر جي مٽي ۽ اسان جي بعض جو لُعَاب اسان جي بيمارن کي شفا ڏيندو آهي۔ (بُخاری، کتاب:الطب، صفحہ:1452، حدیث:5746ملتقطًا)

مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خُلاصو آهي: پهريان نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مَرض جي جڳھ تي آڱر رکندا هئا، پوءِ آڱر تي پنهنجو لُعَاب شريف لڳائيندا هئا، پوءِ مٽي لڳائيندا هئا ۽ ان جو ليپ مرض جي جڳھ تي هڻي فرمائيندا هئا: الله پاڪ جي حڪم سان اسان جو لُعَاب ۽ مديني جي مٽي شِفَا آهي۔ (مرآۃ المناجیح، جلد:2، صفحہ:407خلاصۃً)

خاڪِ مدينه جي برڪت سان شِفَا ملڻ بابت ٻه حڪايتون

* شيخ مَجدُ الدِّين فيروز آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجو غلام هڪ سال کان بخار ۾ ورتل هو، مون خاڪِ شفا کنئي ۽ پاڻي ۾ (ٿوري مقدار) ملائي پيئاري ته اَلۡحَمۡدُلله انهيءَ ڏينهن ئي شفاياب ٿي ويو ۔ (جزب القلوب، صفحہ:27) * شيخ عبد الحق مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان مديني پاڪ حاضِر هيس، ڪنهن مرض جي ڪري منهنجو پير سڄي ويو، طبيبن ان کي خطرناڪ مرض قرار ڏنو ۽ علاج کان هٿ کڻي ويا۔ مون مديني پاڪ جي مٽي کنئي ۽ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي۔ اَلۡحَمۡدُلله ٿورن ئي ڏينهن ۾ وڏي آسانيءَ سان اها سوڄ ختم ٿي وئي۔ (عاشقانِ رسول کی 130حکایات، صفحہ:67)

  سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول ! مديني پاڪ جي مبارڪ مٽي ۾ الله پاڪ اهو تاثِير رکيو آهي جو ان جي برڪت سان ظاهري جسم جا مرض به ٺيڪ ٿي ويندا آهن ۽ گُنَاهن جي مرضن کان به شِفَا ملندي آهي، هائو! عقيدو