Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

پيارا اسلامي ڀائرو! مديني پاڪ جا 100 کان وڌيڪ نالا آهن، اڄ اسان ان مان ڪجھ نالا جيڪي قرآنِ ڪريم ۽ اَحاديثِ ڪريمه ۾ ذِڪر ڪيا ويا آهن، اهي ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪئي، هاڻي اچو! آخر ۾ مديني پاڪ سان عشق و محبت جي هڪ عجيب حڪايت ٻڌون ٿا۔

ڪبوترن جي محبوب جي آستاني سان محبت (حڪايت)

 سيدي قُطبِ مدينه مولانا ضياء الدين مدني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيۡه جا پير صاحب آهن، مديني پاڪ سان تمام گھڻي محبت رکندا هئا، پاڻ ڪيئي سال مديني پاڪ ئي ۾ حاضِر رهيا ۽ اڄ به الحمدلله! مديني پاڪ ئي ۾ بقيع شريف ۾ مدفن آهن، سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو انتظاميه مسجد نبوي شريف جي حرم شريف کي صاف سٿرو رکڻ جو فيصلو ڪيو ته حرم شريف ۾ ڪبوترن جي لاءِ داڻو وغيره نه رکيو وڃي ته جيئن ڪبوتر داڻي جي ڳولا ۾ ٻين هنڌن ڏانهن هليا وڃن۔ ان حڪم تي عمل ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين داڻو پاڻي وغيره نه رکيو ويو، پر ڪبوترن جي گنبذِ خضرا سان محبت ايتري ته هئي جو بک جي ڪري مرن پيا، پر محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آستاني کي نه پيا ڇڏين۔ مديني وارن پنهنجي اکين سان اهي عشق ۽ محبت ڀريا منظر ڏٺا ۽ ماڻهن حڪومت ڏانهن خط لکي زور ڀريو ته حڪومت وري اڳي وانگر ڪبوترن جو داڻو رکڻ شروع ڪيو۔ (عاشقانِ رسول کی 130حِکایات، صفحہ:184)

عالَمِ وَجْد میں رَقصاں میرا پَر پَر ہوتا             کاش! میں گنبدِ خضراء کا کبوتر ہوتا

 الله پاڪ اسان کي به مدينه منوره جي خوب خوب محبت نصيب فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد