Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اِجتِماع

  پيارا اسلامي ڀائرو! دِل ۾ عشق مدينه وڌائڻ، يادِ مدينه، ذِڪرِ مدينه ڪرڻ، گُنَاهن ۽ فضوليات کان بچڻ، سٺي، بامقصد، سنتن ڀري ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حِصّو وٺو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دُنيا ۽ آخرت ۾ ان جون بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: هفتيوار اِجتِماع۔

الحمد لله! هر جمعرات جو مغرب جي نماز کان پوءِ ۽ بعض هنڌن تي عِشَاء جي نماز کان پوءِ دعوتِ اسلامي جو هفتيوار سنتن ڀريو اِجتِماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تِلاوت، نعت، بيان ۽ ذِڪر و دُعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ سکڻ سيکارڻ جا حلقه به لڳايا ويندا آهن، اهڙي طرح هفتيوار اِجتماع جي ذريعي نيڪيون ڪمائڻ ۽ عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو خوب موقعو ملندو آهي، اوهان به پَڪي نيت فرمايو ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! هر جمعرات پابندي سان پاڻ به هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪندس ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي ٻين کي به گڏ آڻيندس۔

ٽيبل ٽينس جو شوقين ڪيئن سُڌري ويو...؟

ڪراچي جي رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جي باري ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته هو مذهبي ذِهن نه هئڻ سبب فضول ڪمن ۾ پنهنجا ڏينهن رات گذاري رهيو هو، گُنَاهن جو به سلسلو جاري هو، ۽ ان کي ٽيبل ٽينس جو بيحد شوق هو، شام ٿيندي ئي ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويندو هو ۽ بعض اَوقات اهو سلسلو رات دير تائين جارِي رهندو هو، هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ ان کي ۽ ساڻس گڏ کيڏڻ وارن کي نماز پڙھڻ ۽ هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، اسلامي ڀاءُ انهن کي مسلسل نيڪي جي دعوت پيش ڪندو رهيو، نيٺ اهي