Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

ٽيبل ٽينس جا شوقين هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳا، الحمدلله! هفتيوار اجتماع جي برڪت سان آهسته آهسته ان جي دِل نرم ٿي وئي، ان جي دِل جي ڪاراڻ ختم ٿيڻ لڳي، ان پنهنجي تمام گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ فضوليات کي ڇڏي دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

یہاں سنتیں سیکھنے کو ملیں گی                       دِلائے گا خوفِ خُدا مدنی ماحول

تُو آبےنمازی، ہے دیتا نمازی                  خُدا کے کرم سے بَنَا مدنی ماحول

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت وسي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔  (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”غمخواري “ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

   فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو ڪنهن غمزده شخص سان تعزيت (يعني غمخواري )ڪندو ته الله پاڪ ان کي تقوي جو لباس پارائييندو، ۽ رُوحن جي وچ ۾ ان جي رُوح تي رحمت فرمائيندو، ۽ جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت (يعني غمخواري) ڪندو الله پاڪ جنت جي لباسن مان اهڙو لباس عطا ڪندو جنهن جي قيمت دُنيا به نٿي ٿي سگھي۔ (مُعْجَمُ الْأَوْسَط، جلد:6، صفحہ:429، حدیث:9292)

اي عاشقانِ رسول! غمخواري ڪرڻ سنّت مصطفٰي آهي * اسان جا آقا،