Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اصحابن سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان جي حالات جي مَعلُومَات ڪندا هئا ۽ ضرورت موجب اُنهن جي غم خواري به ڪندا هئا، مثال طور * جيڪڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو ان جي عيادت ڪندا هئا * ڪو سفر ۾ هوندو هو ته ان جي لاءِ دُعا ڪندا هئا * ڪنهن جو انتقال ٿي ويندو هو ته ان جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪندا هئا۔ رِوايت آهي ته هڪ حبشي عورت يا مرد مسجد ۾ ٻهارو ڏيندو هو، هڪ ڏينهن ان کي مسجد ۾ نه ڏٺائون، ته ان جي بابت پڇيائون؟ عرض ڪيو ويو: ان جو انتقال ٿي ويو آهي، ارشاد فرمايائون: توهان مون کي ڇو نه ٻڌايو؟ مون کي ان جي قبر تي وٺي هلو! پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي قَبر تي ويا ۽ بخشش لاءِ دعا فرمائي۔ (بُخاری، کتاب: الجنائز، باب: الصلاۃ علی القبر، صفحہ:375، حدیث:1337) * هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون تي غم ۽ قرض وڌي ويو آهي۔ غمخوار نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي غمخواري ڪندي قرض لاهڻ جو وظيفو ٻڌايو، اِرشاد فرمايائون: روزانو صبح ۽ شام جي وقت اهو پڙھي وٺندا ڪيو:

اَللّٰہُمَّ اِنِّی اَعُوْذُبِکَ مِنَ الْہَمِّ وَالْحُزْنِ وَأَعُوْذُبِکَ مِنَ الْعَجْزِ وَالْکَسَلِ وَاَعُوْذُبِکَ مِنَ الْجُبْنِ وَالْبُخْلِ وَاَعُوْذُبِکَ مِنْ غَلَبَۃِ الدَّیْنِ وَقَہْرِ الرِّجَالِ

 اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائي ٿو: مون اهو عمل ڪيو ته الله پاڪ منهنجو غم پري ڪيو ۽ منهنجو قرض ادا ڪرائي ڇڏيو۔ (ابو داؤد، کتاب: الصلاۃ، صفحہ:252، حدیث:1555)

پيارا اسلامي ڀائرو! سُنّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي عمل ڪندي اسان کي به گھرجي ته اسان به پنهنجي عزيز رشتيدارن، مسلمان ڀائرن، پاڙيسرين ۽ دوست احباب جي غمخواري ڪري ثواب ڪمايون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد