Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

سڀ کان وڌيڪ پسنديده آهين، الله پاڪ جو قسم! جيڪڏهن مون کي هجرت تي مجبور نه ڪيو وڃي ها ته مان هتان کان هجرت نه ڪيان ها۔ (ابن ماجہ، کتاب:المناسک، باب: فضل المکۃ، صفحہ:506، حدیث:3108)

امام حاڪم نيشاپوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه روايت ڪن ٿا ته جڏهن مدني آقا، مڪي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هجرت جو اِرادو ڪيو ته بارگاھ الٰهي ۾ دُعا گھري: اَللّٰہُمَّ اِنَّکَ اِنْ اَخْرَجْتَنِیْ مِنْ اَحَبِّ الْبِلَادِ اِلَیَّ فَاَسْکِنَّیْ فِی اَحَبِّ الْبِلَادِ اِلَیْکَ يعني الٰهي! تو مونکي منهنجي مَحبُوب ترين شهر کان هجرت جو حڪم ڏنو آهي، هاڻي منهنجو قِيام اهڙي جڳھ فرمائي جيڪا تو وٽ گھڻي محبوب هجي۔ (مستدرك، كتاب: ہجرة، جلد:3، صفحہ:535، حدیث:4320بتغیر قلیل)

اي عاشقانِ مدينه! شيخ عبد الحق مُحَدِّث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اها حديثِ پاڪ جَذبُ القُلُوب ۾ نقل ڪري فرمايائون: اِذِا الْحَبِیْبُ لَا یَخْتَارُ لِحَبِیْبِہٖ اِلَّا مَا ہُو اَحَبُّ وَ اَکْرَمُ عِنْدَہٗ يعني هڪ محبت ڪرڻ وارو پنهنجي محبوب جي لاءِ اهو ئي پسند ڪندو آهي جيڪو ان وٽ گھڻو پسنديده ۽ عزّت وارو هجي۔

 (جذبُ القلوب، صفحہ:20)

  جڏهن ته محبوبِ خُدا، سيدالانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هجرت ڪئي ۽ دُعا به گُھري ته الٰهي! هاڻي ان جڳھ تي منهنجو قيام ٿئي جيڪو تو وٽ گھڻو محبوب آهي، ان دُعا کان پوءِ الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ مديني پاڪ جو انتخاب فرمايو، هن مان معلوم ٿيو ته مدينو پاڪ الله پاڪ وٽ گھڻو پسنديده مقام آهي۔

 پوءِ جڏهن اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هجرت ڪري مديني پاڪ آيا ته بُخَاري شريف جي حديثِ پاڪ آهي ته پياري نبي، سچي نبي، اعلٰي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا گُھري: اَللّٰہُمَّ حَبِّبْ اِلَیْنَا