Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

الْمَدِیْنَۃَ کَحُبِّنَا مَکَّۃَ اَو اَشَدَّ ياالله پاڪ!اسان کي مديني پاڪ جي اهڙي محبت عطا فرماءِ جهڙي محبت اسان کي مڪي پاڪ سان آهي بلڪ ان کان به وڌيڪ۔ (بُخاری، کتاب:فضائل المدینہ، صفحہ:500، حدیث:1889)

مُفَسّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خُلاصو آهي: منهنجي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون اهي تمام دُعائون قبول ٿيون، هر مسلمان کي مڪي پاڪ جي مقابلي ۾ مدينو پاڪ گھڻو پيارو آهي، مديني جي آبهوا صحت بخش آهي، اتان جي خاڪ کي ”خاڪ شِفَا“ چئبو آهي، اتان جي روزي ۾ برڪت آهي ۽ امام مالِڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ مان دليل ورتو ۽ چيائون ته مدينو شريف مڪي پاڪ کان اَفضَل آهي۔

 (مرآۃ المناجیح، جلد:4، صفحہ:214)

اي عاشقانِ رسول! مديني شريف جي شان ۽ عظمت جو اندازو لڳايو ته اهو مُبَارَڪ، مُقَدَّس، خوشبوئن ڀريو، مهڪندڙ، حَسِين ۽ خوبصُورت، نوراني شهر الله پاڪ جو به محبوب ترين شهر آهي ۽ گڏوگڏ اسان جي آقا، محبوبِ خُدا، محبوبِ انبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو به محبوب ۽ پسنديده ترين شهر آهي۔ مولانا حَسَن رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

اللہ کا محبوب بنے جو تمہیں چاہے            اُس کا تو بیاں ہی نہیں کچھ تم جسے چاہو

(ذوقِ نعت، صفحہ:206)

يعني يارسول الله! يا حبيب الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جنهن جي دِل ۾ اوهان جي محبت هجي، اهو الله پاڪ جو محبوب ٿي ويندو آهي ته جنهن سان اوهان محبت فرمايو، ان جي شان و عظمت کي ڪير بيان ڪري سگھي ٿو...!!

شاہ تم نے مدینہ اپنایا، واہ! کیا بات ہے مدینے کی

اپنا روضہ اسی میں بنوایا، واہ! کیا بات ہے مدینے کی

(وسائل بخشش، ص۳۸۸)