Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! اسان مديني شريف سان پيار ڪرڻ وارا آهيون، مديني پاڪ جي گھٽين سان، مديني پاڪ جي هوائن سان، مديني پاڪ جي گُلن سان، مديني پاڪ جي مُبَارَڪ ڪنڊن سان، مديني پاڪ جي مبارَڪ خاڪ سان، مديني پاڪ جي پاڪيزه غُبَار سان الحمد لله! الحمد لله! الحمد لله! اسان کي محبت آهي، تنهنڪري اڄ اسان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! مديني پاڪ جا مبارڪ، مٺا مٺا، پيارا پيارا، سُهڻا سُهڻا نالا ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين يعني اڄ اسان اِن شَآَءَ الله الڪرِيم! ذِڪرِ مدينه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔

چلو مِل کے کرتے ہیں ذِکْرِ مدینہ                پہنچ جائیں گے اِنْ شَآءَ اللہ! مدینہ

اي عاشقانِ رسول! ياد رکو! ذِڪرِ مدينه ڪرڻ ڪا عام ڳالھ ناهي، * ذِڪرِ مدينه“ ته قرآنِ ڪريم ۾ به آهي * الحمد لله! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان به ذِڪرِ مدينه ڪرڻ ثابت آهي، اهڙيون کوڙ حديث سڳوريون آهن، جن ۾ مڪي سردار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ذِڪرِ مدينه به فرمايو ۽ مديني پاڪ جون فضيلتون به بيان ڪيون آهن * ذِڪرِ مدينه ڪرڻ عاشقانِ رسول جو طريقو آهي، * ذِڪرِ مدينه ڪرڻ عالم سڳورن جو، مُحدّث سڳورن جو، مُفَسّر سڳورن جو طريقو آهي * عُلماءِ ڪرام مديني شريف جي فضيلتن تي پُورا پُورا ڪتاب لکيا آهن، * بُخَارِي شريف کي سڄي دُنيا ۾ قرآنِ ڪريم کان پوءِ سڀ کان معتبر ڪتاب مڃيو ويندو آهي، هن ۾ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه باقاعده ”ڪتاب فَضَائِلِ مدينه“ جو عنوان ڏنو آهي، پوءِ هن عنوان هيٺ 11 باب (Chapters) بيان ڪيا آهن، جن ۾ مديني پاڪ جي فضيلتن تي حديث سڳوريون جمع ڪيون ويون آهن. * اهڙي طرح امام مُسلِم بِن حَجَّاج قُشَيرِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ڪتاب ”مسلم شريف“ ۾ 13 باب (chapters) بيان ڪيا آهن ۽ اُنهن ۾ مديني پاڪ جي فضيلتن بابت حديثون بيان ڪيون آهن * امام اَبُو داؤد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سُنَنِ اَبُو داؤد ۾ ٻن بابن  ۾ ذِڪرِ مدينه