Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

ڪيو، اهڙي طرح سُنَنِ اِبنِ ماجه، صحيح اِبنِ حَبَّان وغيره حديث جي ڪتابن ۾ باقاعده اهتمام سان ذِڪرِ مدينه موجود آهي۔

۽ ايتري ڪثرت سان، ايتري قدر اهتمام سان ذِڪرِ مدينه ڇو نه ڪيو وڃي جو الحمد لله! * مدينو پاڪ عاشقن جي جان آهي، * مدينو پاڪ عاشقن جي سڃاڻپ آهي، * مدينو پاڪ اها جاءِ آهي جتي ڏينهن رات الله پاڪ جي رحمت وسندي آهي، * مدينو پاڪ دارُالهجرت به آهي، * مدينو پاڪ ديارِ اُلفت به آهي، * مدينو پاڪ مرڪزِ عشق و محبت به آهي، * مدينو پاڪ دارُ الاَمن به آهي، * مدينو پاڪ دارُ الاِيمان به آهي، * مدينو پاڪ اهو مبارڪ شهر آهي جو جنهن جي هوا صحت بخش آهي، * مديني پاڪ جي روزي برڪت واري آهي * مدينو پاڪ اهو مبارڪ شهر آهي جو اتي جي مٽي کي به خاڪِ شِفا چيو ويندو آهي * مديني پاڪ ۾ ئي منهنجي نبي، پياري نبي، سچي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مسجد آهي جنهن کي مسجدِ نبوي شريف چيو ويندو آهي، * مديني پاڪ ۾ ئي رَوضَة الجَنَّة (يعني جنت جو باغيچو) آهي، جي ها! پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روضي شريف کان وٺي منبرِ مُنَوَّر تائين وچ ۾ جيڪا جڳھ آهي، حديثِ پاڪ ۾ ان کي رَوْضَۃٌ مِّنْ رِیَاضِ الْجَنَّۃِ (يعني جنت جي باغيچن مان هڪ باغيچو) فرمايو ويو۔ (ترمذی، کتاب:المناقب عن رسول اللہ، صفحہ:878، حدیث:3918) منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڇا ته خوب نقشو چٽيو آهي:

اِس طرف رَوضہ کا نور اُس سَمْت منبر کی بہار                                                                        بیچ میں جنت کی پیاری پیاری کیاری واہ واہ

(حدائق بخشش، صفحہ:135)

 يعني هڪ پاسي سرڪارِ عالي وقار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو روشن روشن، پيارو پيارو، نور وسائيندڙ روضو مبارڪ، ٻي پاسي پياري آقا، مدني داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جڳمڳ جڳمڳ ڪندڙ منبر مُنَوَّر ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ جنت جو پيارو پيارو باغيچو، واھ! ڇا ته خوبصُورت منظر آهي...!

* مديني پاڪ ۾ ئي بابِ جبريل آهي، جيڪو رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي