Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

قدم شريف واري پاسي موجود آهي، * مديني پاڪ ۾ جَنّت البقيع آهي، جنهن ۾ ڪم وبيش 10 هزار صحابي سڳورا عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان ۽ بيشمار مديني پاڪ جا عاشق آرام فرما آهن، * ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته اسان جي پياري پياري آقا، سردارِ انبيا، معراج واري آقا، محبوبِ خُدا، مڪي آقا، مدني آقا، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به مديني پاڪ ئي ۾ جلوه فرما آهن۔

عجب رنگ پر ہے بہارِ مدینہ                                کہ سب جنتیں ہیں نثارِ مدینہ

مَلائک لگاتے ہیں آنکھوں میں اپنی                     شب و روز خاکِ مزارِ مدینہ

رہیں اُن کے جلوے بسیں اُن کے جلوے                      مرا دل بنے یادگارِ مدینہ

مری خاک یارب نہ برباد جائے                           پسِ مرگ کردے غبارِ مدینہ

شرف جن سے حاصل ہوا انبیا کو                         وہی ہیں حسن اِفتخارِ مدینہ

(ذوقِ نعت، صفحہ:212-213)

 عاشِقِ ماھ رسالت، امامِ اهلِ سُنت، امامِ عشق و محبت، اعليٰ حضرت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نِرالي اندازِ ۾ شانِ مدينه بيان ڪيو آهي، پاڻ لکن ٿا:

چمنِ طیبہ ہے وہ باغ کہ مُرغِ سِدْرہ           برسوں چہکے ہیں جہاں بلبل شیدا ہو کر

(حدائق بخشش، صفحہ:70)

 يعني مدينو پاڪ اهو چمن، اهو باغ آهي جو جتي حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام سالن کان ائين حاضِر ٿيندا رهن ٿا جيئن بلبل عشق ۾ گل وٽ ويندي آهي ۽ ٻولندي آهي۔

منقول آهي ته حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام 23 سال ۾ 24 هزار ڀيرا بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، (مواہب اللدنیہ، دقائق حقائق بعثتہ، جلد:1، صفحہ:112) انهن مان 10 سال مدينه منوره جي حاضِري جا آهن۔