Asmay Madina Munawara

Book Name:Asmay Madina Munawara

يعني جيڪڏهن اَوسط ڪڍون ته روزانو ڪم و بيش ٽي ڀيرا حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام جي حاضِري ٿي، ته 23 سالن ۾ 24 هزار حاضريون ٿين ٿيون، پر بعض دفعه حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام 3 کان گھٽ ڀيرا حاضِر ٿيندا هئا، ڪڏهن نه به آيا ۽ ڪڏهن ٽي کان وڌيڪ ڀيرا حاضِري پڻ ٿيندي هئي۔

بےلقائے یار اُن کو چین آجاتا اگر           بار بار آتے نہ یُوں جبریل سِدْرَہ چھوڑ کر

(ذوقِ نعت، صفحہ:133)

يعني سيدِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ملاقات ڪرڻ بنا جيڪڏهن حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي چين و سڪون ملي ها ته حضرت جبريل هر هر سِدره ڇڏي بارگاھ رسالت ۾ حاضِر نه ٿين ها۔

          اي عاشقانِ مدينه! مدينو پاڪ ته اهو مُقَدَّس، مُبَارَڪ، عظمتن ڀريو شهر آهي جو هاڻي به صبح و شام ملائڪ هتي حاضِر ٿين ٿا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

سَتَّر ہزار صبح ہیں، سَتَّر ہزار شام                         یُوں بندگئ زُلْف و رُخ آٹھوں پہر کی ہے

جو ایک بار آئے دوبارہ نہ آئیں گے                 رُخصت ہی بارگاہ سے بس اس قدر کی ہے

(حدائق بخشش، صفحہ:220)

هر ڏينهن 70 هزار ملائڪ صبح جو ۽ 70 هزار ملائڪ شام جو يعني هڪ لک چاليھ هزار ملائڪ هر روز (daily) بارگاھ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ حاضِر ٿين ٿا، درودِ پاڪ جا نذرانا پيش ڪن ٿا ۽ جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زُلف ۽ وَالضُّحيٰ واري چهري جي ساراھ ۽ تعريف ڪن ٿا، پوءِ اهو به ته جيڪو ملائڪ هڪ ڀيري حاضِر ٿي چڪو آهي، ٻيهر قيامت تائين ان کي حاضِر ٿيڻ نصيب نه ٿيندو جو الله پاڪ جي بارگاھ مان بس ايتري ئي اجازت آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته ڪروڙين ملائڪ حاضِري کان محروم رهجي وڃن ها.