Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

شوق روکے نہ رُکے پاؤں اُٹھائے نہ اُٹھے                       کیسی مشکِل میں ہیں اﷲ تَمَنَّائی دوست

(حدائقِ بخشش، صفحہ:63)

وضاحت: ياالله! محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضِري جي تمنا آهي، شوق اهڙو جو دِل رُڪي نٿي، حال اهو آهي جو پير کڄن نه پيا، هلڻ دُشوار آهي، اِلٰهي! ڪهڙي مشڪل آهي، منهنجي مدد فرماءِ۔

مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي شهزادي اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ گھر جي ڪجھ ٻين ڀاتين کي گڏ وٺي حج جي لاءِ روانا ٿي ويا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سرڪارِ مڪه مڪرمه، سردار مدينه منوره صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ اچي پنهنجي سچي عاشق، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي هڪ پيالي ۾ دَوا عطا فرمائي، اها دوا پيئڻ جي برڪت سان مرض جي شِدَّت ۾ ڪمي اچي وئي ۽ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حج ۽ زيارت جا تمام اَفعَال تَندُرُستن جيان ادا فرمايا، پوءِ مديني پاڪ به بااَدب، پُرڪيف حاضِري ٿي۔ (فضائلِ دُعا، صفحہ:41)

میٹھا مدینہ دُور ہے، جانا ضرور ہے             جانا ہمیں ضرور ہے، جانا ضرور ہے

ہوتا ہے سخت امتحاں، الفت کی راہ میں      آتا مگر سُرور ہے، جانا ضرور ہے

عشاق کو تو ملتی ہے غم میں بھی راحت اور         آتا بڑا سُرور ہے، جانا ضرور ہے

                                                                                                                                                 سرکار کا مدینہ یقیناً بلاشُبہ                       قلب و نظر کا نُور ہے، جانا ضرور ہے

(وسائلِ بخشش، صفحہ:486تا487ملتقطاً)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! اها آهي مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشقِ رسول جي ڪيفيت...! جو سندن کي سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ اچي حڪم فرمايو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ايتري سختي سان عَمَل ڪيو جو