Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي بنا سبب يا صرف معمولي سببن جي ڪري روزا ناهن رکندا، * اسان کي غيبت، چغلي، ڪوڙ، وعده خلافي وغيره کان منع ڪيو ويو پر اڄ مُعَاشرو انهن گُنَاهن جي وڪڙ ۾ آهي، * ڪيئي نادان اهڙا به آهن جن کي لڳي ٿو ته هاڻي سچ جو زمانو ئي نه آهي، ڪوڙ ڳالهائي ئي زندگي گذاري سگھجي ٿي، الامان والحفيظ!* اسان کي مسسلمان ڀاءُ جي دِل ڏکائڻ کان منع ڪيو ويو آهي پر! اسان جي هن معاشري ۾ دنگا فساد، گار گند، لڙائي جھيڙو، قتل ۽ غارت گري عام ٿيندي پئي وڃي، * اسان کي حُسنِ اَخلاق جو حڪم ڏنو ويو پر اسان بداخلاقي جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا پيا وڃون، * اسان کي ايمانداري جو حڪم ڏنو ويو پر معاشري ۾ ٻه نمبري عام آهي، مطلب ته؛ اهي احڪام جيڪي اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ظاهري دُنيا ۾ تشريف فرما ٿي، ظاهري حياتي ۾ ارشاد فرمايا هئا، اسان اُنهن احڪامن تي به پُوري طرح عمل نٿا ڪري سگھون، ان جي باوُجود دعويٰ آهي ته اسان وڏا عاشقِ رسول آهيون۔

بےنمازی رہیں، کچھ نہ روزے رکھیں               ان کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

عالموں پر ہنسیں، پھبتیاں بھی کسیں                     ان کو کس نے کہا عاشقانِ رسول؟

جو کہ گانے سنیں، فلم بینی کریں                          ان کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

بدنگاہی کریں، بدکلامی کریں                               ان کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

کھائیں رزقِ حرام، ایسے ہیں بدلگام                    ان کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

عہد توڑا کریں، جھوٹ بولا کریں                          ان کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

جو ستاتے رہیں، دِل دکھاتے رہیں                     ان کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

گالیاں جو بکیں، عیب دریاں کریں                      ان کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

داڑھیاں جو منڈائیں، کریں غیبتیں                     ان کو کس نے کہا؟ عاشقانِ رسول

(وسائلِ بخشش، صفحہ:649تا650)