Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

اي عاشقانِ رسول! حقيقي عاشقِ رسول ته اهي هئا جو جن کي خواب ۾ حڪم مليو ته انهن ڪا تاوِيل نه ڪئي، نه ٽال مٽول کان ڪم ورتائون، اهو نه چيو ته هاڻي طبيعت خراب آهي، اڃا هلڻ ڦرڻ جي به همت نه آهي، اڃا قدم به نه پيا کڄن، ان ڪري آئنده سال حڪم تي عمل ڪندس... نه، نه بلڪه فرمايائون: بس مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم تي عمل ڪندي قدم دروازي کان ٻاهر رکي وٺان پوءِ چاهي جان به هلي وڃي ته ڪا پرواھ نه آهي۔

ضعف مانا مگر یہ ظالِم دِل                       اُن کے رستے میں تو تھکا نہ کرے

(حدائقِ بخشش، صفحہ:142)

الله پاڪ اسان کي به مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي صدقي ۾ حقيقي عاشق رسول بڻجڻ جي سَعَادت نصيب فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

        پيارا اسلامي ڀائرو! هتي اها ڳالھ به خيال ۾ رهي ته سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خواب ۾ تشريف فرما ٿيڻ حقيقت ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي جو اچڻ آهي جو شيطان سندن جي مِثل نٿو بڻجي سگھي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَن رَاٰنِي فِي المَنَامِ فَقَد رَاٰنِي فَاِنَّ الشَّيطَانَ لَايتَمَثَّلُ بِي جنهن مون کي خواب ۾ ڏٺو، ان مون کي ئي ڏٺو ته شيطان منهنجي مِثل نٿو بڻجي سگھي۔ (ترمذی، کتاب:الرؤیا، باب:قول النبی من راٰنی، صفحہ:547، حدیث:2276)

اهو به ياد رهي ته پيارا آقا، جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ اچي جيڪو ارشاد فرمائن اهو بلڪل حق، حق ۽ حق آهي، البت ننڊ جي حالت ۾ اسان جا حَوَّاس جيئن ته ڪمزور هوندا آهن، ان ڪري يقين سان اهو نٿو چئي سگھجي ته جيڪو ڪجھ حُضُور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو، خواب ڏسڻ واري حَرف به حَرف دُرُست ٻڌو۔ يقيناً خواب ۾ ٻڌڻ ۽ سمجھڻ ۾ غلطي جو اِمڪان موجود آهي، تنهنڪري خواب ۾ ڏنل حڪم تي عمل ڪرڻ کان پهريان شريعت