Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

جي حڪم کي ڏسڻو پوندو، جيڪڏهن خواب واري ڳالھ شريعت کان نٿي ٽڪرائي ته بيشڪ ان تي عمل ڪري سگھجي ٿو بهرحال خواب ۾ مليل حڪم تي عمل ڪرڻ شَرعاً واجب نه آهي۔

هڪ شخص خواب ۾ ڏٺو ته حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (معاذالله) ان کي شراب نوشي جو حڪم ڏئي رهيا آهن، اهو معاملو سيدُنا امام جعفرِ صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ارشاد فرمايائون: ”رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ توکي شراب پيئڻ کان روڪيو آهي، تو کي ٻڌڻ ۾ غلطي ٿي آهي۔“ (فتاوی رضویہ، جلد:5، صفحہ:100ماخوذاً)

مِرے تم خواب میں آؤ مرے گھر روشنی ہو گی                                   مِری قسمت جگا جاؤ عِنایَت یہ بڑی ہو گی

(وسائل بخشش، صفحہ:391)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

8  آيت  جو   تفسير

  اي عاشقانِ رسول! اچو! والِدِ اعليٰ حضرت، حضرت علَّامه، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشق رسول جي هڪ ٻي جھلڪ ملاحظه ڪريو!

قرآنِ ڪريم ۾ 8 آيتن جي هڪ مختصر سُورت آهي، سوره ”اَلَم نَشرَح“ هن سوره مبارڪه ۾ نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سيرت ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان و عظمت جو بيان آهي۔ وڏي مشهور آيت آهي:

وَ رَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَؕ(۴) (پاره30،سورةالم نشرح:4)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اسان تنهنجي واسطي تنهنجي ذڪر کي بلند ڪري ڇڏيو.

اها آيت سڳوري به سوره ”اَلَم نَشرَح“ جي آهي۔ والِدِ اعليٰ حضرت مولانا