Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن سوره مبارڪه جو تفسير لکيو آهي ۽ مَاشَآءَ الله! شان ۽ ڪمال ڏسو جو قرآنِ ڪريم جي 8 مختصر آيتن جو اهو تفسير وڏي سائز جي 445 صفحن تي مشتمل آهي ۽ جيڪڏهن ان کي دورِ حاضِر جي تقاضن جي مطابق ڇاپيو وڃي ته شايد ان جا صفحات 1000 تائين پهچي وڃن۔ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي لکيل هن مبارڪ تفسير جو عربي نالو آهي: ”اَلڪلَامُ الاَوضَح فِي تَفسِيرِ اَلَم نَشرَح“ ۽ اُردو نالو آهي: انوارِ جمال مصطفيٰ۔

هن بي مثال تفسير کي پڙھو ته جتي مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي علمي شان ۽ عظمت جي خبر پوي ٿي، گڏوگڏ سندن عشقِ رسول جي جھلڪ به واضِح ڏسڻ جي لاءِ ملي ٿي، ”سوره اَلَم نَشرَح“ ۾ ته شانِ رسالت ئي بيان ٿيل آهي، پوءِ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن سورتِ پاڪ جي جنهن ڪمال ادب ۽ عشق ومحبت ڀري انداز ۾ تفسير ڪيو، جنهن ڪمال انداز سان سرڪارِ عالي وقار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَوصَاف ۽ ڪمالات جو بيان فرمايو، پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔

عام طور تي جيڪو ڪتاب لکڻ وارو هوندو آهي، اهو ڪتاب جي شروع ۾ الله پاڪ جي حمد ۽ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ بارگاھ ۾ درودِ پاڪ عرض ڪندو آهي، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به انهيء کان پنهنجي ڪتاب جي ابتداء ڪئي پر قربان وڃجي! تفسير ”انوارِ جمالِ مصطفيٰ“ جي صفحي: 13 تي سرڪارِ عالي وقار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذِڪرِ پاڪ آيو، بَس پوءِ ڇا هو...! هڪ سچي عاشق رسول مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو قلم جھومڻ لڳو، دِل ۾ يادِ مصطفيٰ آهي، دِماغ ۾ خيالِ مصطفيٰ آهي، مٿو ادب سان جھڪي ويو، هيئن لڳي ٿو جيئن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جلوو اکين جي سامهون آهي ۽ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه محبوب جي تَصَوُّر ۾ ٻڏي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا لقب لکڻ شروع ڪيا، قلم هلڻ لڳو ۽ هلندو ويو، هلندو ويو، هلندو ئي ويو، الفاظ ترتيب