Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

۾ آيا، عِلم جو سمنڊ وهڻ لڳو، محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مدح ۽ ثناء ٿيڻ لڳي ۽ ٿيندي وئي، ٿيندي وئي، ٿيندي ئي وئي، ايستائين جو مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مصطفيٰ جانِ رحمت، شمع بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا 358 لقب لکيا، پوءِ فرمايائون:

محمد شاہِدِ دِیں، جانِ اِیْمَاں                                                              محمد رَحْمَتِ حق، لُطْفِ یَزْداں

يعني مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دِين جا شاهد، ايمان جي جان، الله پاڪ جا لُطف ۽ ان جي رحمت آهن۔

بہارِ ہَشْتْ جَنّت رَنگ و بُوْیَشْ                                                                     بَہِشْتِ نُہْ فَلک خَاکے زِ کُوْیَشْ

يعني جنت جون سڀ بهارون پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رنگت ۽ خوشبو مبارڪ سان بڻيل آهي، ۽ اهو آسمان رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گهٽي جي خاڪ جو صدقو آهي۔

  ايستائين جو مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اُردُو ۽ فارسي ۾ 358 اَوصَافِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ لکيا پر هڪ سچي عاشقِ رسول جو دِل هو، پنهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ايترو ذِڪر ڪري شوق پُورو نه ٿيو، پوءِ پاڻ عربي ۾ پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اَوصاف لکڻ شروع ڪيا، پوءِ اها ئي ڪيفيت، پوءِ اهو ئي حال، پوءِ قلم هلڻ شروع ٿيو، پوءِ الفاظ ترتيب ۾ آيا ۽ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي آقا جا اَوصاف لکندا ويا، لکندا ويا، لکندا ويا، ايستائين جو پاڻ عربي ۾ پياري آقا، محبوبِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا 213 اَوصَاف لکيا، اهو وڏي سائز جي 7 صفحن تي مشتمل ڪل 571 اَوصافِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ لکيا ۽ فرمايو:

یَا عَاشِقِیْنَ تَوَلَّہُوْا فِیْ وَجْہِہٖ                                                                                                ہٰذَا ہُوَ الْحُسْنُ الْجَمِیْلُ الْمُفْرَد

لَمْ یَاْتِ فِی اَوْلَادِ اٰدَمَ مِثْلُہٗ                                                                                                  فِیْمَا مَضیٰ ہٰذَا حَدِیْث مُسْنَد

صَلُّوا عَلَیْہِ بَکُوْرَۃً وَّ عَشِیَّۃً                                                                                                  اَلْفَ الصَّلٰوۃِ مَعَ السَّلَامِ وَ زِیْدُوا