Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

عربي اشعار جو ترجمو: اي عاشقان مصطفيٰ! اُن جي چهري مبارڪ جي جلوئن ۾ گم ٿي ديوانا ٿي وڃو! هو ايترا حَسِين ۽ جميل آهن جو انهن جھڙو اَولادِ آدم ۾ ٻيو ڪو نه آيو، اها ڳالھ حديثِ پاڪ ۾ بيان ٿي آهي، پوءِ صبح  ۽  شام رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي هزارين ڀيرا درود ۽ سلام موڪليو...! (انوارِ جمال مصطفےٰ، صفحہ:13تا18ملتقطاً)

 

تیرے عشق نے بخشی ہے یہ سوغات مسلسل                     تیرا ذِکْر ہمیشہ، تیری بات مسلسل

سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! اهو آهي عشقِ رسول جو جڏهن محبوبِ ربِّ اڪبر، سلطانِ بحر وبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذِڪرِ پاڪ اچي ته عاشق خوش ٿي وڃي، ڪمال ادب سان، شريعت جي دائري ۾ رهي، سٺي کان سٺا لفظ چُونڊي ذِڪرِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪري ۽ ڪندو ئي وڃي، ڪندو ئي وڃي، نه دِل ٿڪي، نه دِماغ ۾ ڪو ٻيو خيال اچي، نه زبان ٿَڪي، نه اٽڪي، بَس اک پُر نَم هجي، دِل مچلجندي رهي ۽ ذِڪرِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٿيندو رهي۔

نعت پڑھتا رہوں، نعت سنتا رہوں، آنکھ پُر نم رہے، دِل مچلتا رہے

اُن کی یادوں میں ہر دَم میں کھویا رہوں، کاش! سینہ محبت میں جلتا رہے

 الله پاڪ اسان کي به ڪثرت سان ذِڪرِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

 اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون ٽي ڪرامتون

اي عاشقانِ رسول ! والِدِ اعليٰ حضرت، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪامِل ولي هئا، سندن کان کوڙ ڪرامتن جو ظُهور به ٿيو، اچو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون ٽي ڪرامتون ٻڌڻ جي سَعادت حاصِل ڪيون ٿا: