Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284)   

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

     پيارا اسلامي ڀائرو! ذِيقَعدة الحَرام جي 29 يا 30 تاريخ تي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاھ امام اَحمَد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي والِدِ محترم رَئِيسُ المُتَڪلِّمِين مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو عُرسِ پاڪ ٿيندو آهي، انهيءَ مُنَاسبت سان اڄ اسان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! حضرت عَلَّامه مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سيرت پاڪ جا ڪجھ پهلو ٻڌڻ ۽ دَرس حاصِل ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔ الله پاڪ اسان سڀني کي ڪامِل ولي، عالِمِ باعَمَل مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فيضان سان مالا مال فرمائي۔            اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

عُلَماءِ ڪرام بابت ڪجھ فضيلتون

   اي عاشقانِ رسول! حضرت عَلَّامه، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏي رُتبي وارا ۽ باعَمَل عالِمِ دين هئا، سندن سيرتِ پاڪ جو بيان ٻڌڻ کان پهريان اچو! قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ عالم سڳورن بابت ڪجھ فضيلتون ٻڌون ٿا ته جيئن دِل ۾ عالم سڳورن جي اهميت وڌڻ ۽ عِلمِ دِين سکڻ جو شوق پيدا ٿئي۔