Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي کڻي ان سُواري تي سُوار ڪري ڇڏيائون ۽ فرمايائون: 11 درجن تائين ته اسان پهچائي ڇڏيو آهي، اڳتي الله مالِڪ آهي۔

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: انهن 11 درجن مان مراد سرڪارِ غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي غُلامي جا درجا آهن۔ (مولانا نقی علی خاں بریلوی، صفحہ:55)

رضا کے کام اور رک جائیں حاشا              تِرا سائل ہے تو باذِل ہے یا غوث

(حدائق بخشش، صفحہ:257)

وضاحت: رضا جا ڪم نه ٿين اهو هرگز نٿو ٿي سگھي ڇوته اي غوث پاڪ! رضا اوهان جو سوالي آهي ۽ اوهان سخي بخشش ڪرڻ وارا منهنجا آقاءِ نعمت آهيو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مفتي نقي علي خان  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو سَفَرِ آخرت

پيارا اسلامي ڀائرو! عالِمِ باعَمَل، ولئ باڪرامت، عاشِقِ ماھِ رسالت، والِدِ اعليٰ حضرت، حضرت علَّامه مولانا مفتي محمد نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 51 سال، 5 مهينا دُنيا ۾ تشريف فرما رهي 1297 هجري تي ذيقعدة الحرام جي 30 تاريخ، جمعرات جي ڏينهن، ظهر جي وقت هن فاني دنيا مان رخصت ٿيا، سندن مزارِ پُراَنوار بريلي شريف (هند) ۾ پنهنجي والِد مولانا رضا علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزارِ پاڪ جي قريب آهي۔

حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو پيٽ جي مرض ۾ مبتلا ٿي مري، اهو شهيد آهي۔ (ترمذی، کتاب:الجنائز، باب:ماجاء فی الشہداء مَنْ ھُمْ، صفحہ:277، حدیث:1063) مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به پيٽ جي مرض ۾ مبتلا ٿي دُنيا مان رخصت ٿيا، لهٰذا هن حديثِ پاڪ جي مطابق پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شهادت جو رُتبو ماڻيو۔

     سيدي اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن