Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! الله پاڪ جي ڪامِل ولي، عالِمِ باعَمَل، حضرت علَّامه، مولانا، مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو دُنيا مان رخصت ٿيڻ جو منظر ڪيترو ايمان افروز ۽ دِل نشين آهي۔ ۽ قربان وڃو! جو سندن آخري لفظ جيڪو زبان مان نڪتو، اهو لفظ ”الله“ هو ۽ آخري تحرير جيڪا لکيائون اها بسم الله شريف هئي۔

سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ خوشبودار آهي: جنهن جو آخري ڪلام ”ڪلمه طيبه“ هجي اهو جنّت ۾ داخل ٿيندو۔ (ابوداؤد، کتاب:الجنائز، باب:فی التلقین، صفحہ:503، حدیث:3116)

خادِمِ مصطفيٰ حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، محبوبِ خُدا، احمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن الله پاڪ جي تعظيم جي لاءِ خوبصورت ڪري بِسمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيم لکي، الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو۔ (تفسیر در منثور، سورۃ فاتحہ، جزء:1، جلد:1، صفحہ:27)

سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول ! بِسمِ الله “ شريف جون برڪتون ماڻڻ ۽ مغفرت جي خيرات جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن وضو ڪري سٺـن اکرن سان ڪاغذ وغيره تي بِسۡمِ الله شريف لکڻ جي عادت بڻايو پر خيال رهي بي ادبي واري جڳھ تي هرگز نه لکو، ڀتين تي به آيتون ۽ مقدس لفظ نه لکو جو آهستي آهستي لکت جا ذرا زمين تي ڪِري پوندا آهن.

۽ جڏهن ڪو عزيز رشتيدار انتقال ڪري وڃي ته ڪوشش ڪري اُن جي ڪفن تي به خالي آڱر سان، بغير سياهي جي بِسمِ الله شريف لکڻ گھرجي۔ مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: تفسير عزيزي ۾ لکيل آهي ته هڪ ولي الله مرڻ وقـت وصيّت ڪئي هئي تـه منهنجي ڪفن ۾ بِسۡمِ اللّٰهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم لکي رکي ڇڏجو، ماڻهن کانئن ان جو سبب پُڇيو، جواب ڏنائون ته قيامت جي ڏينهن هيءُ منهنجو تحريري ثبوت هوندو، جنهن جي ذريعي سان رحمتِ الاهي جي درخواست ڪندس۔ (تفسیرنعیمی،