Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو

اي عاشقانِ رسول ! دُنيا ۽ آخرت جون ڀلايون ماڻڻ، اولياءِ ڪرام جو فيضان حاصِل ڪرڻ، دُنيا ۽ آخرت جون ڀلايون ميڙڻ يعني دِل ۾ عشق رسول وڌائڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌ کان وڌ حصو وٺو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ان جون برڪتون پاڻ ئي ڏسي وٺندؤ۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: هفتيوار مدني مذاڪرو۔

الحمد لله! شيخ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه هر ڇنڇر تي رات عشا جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي براهِ راست (LIVE) مدني مذاڪرو ڪندا آهن يعني سڄي دُنيا مان عاشقانِ رسول جي پڇيل سوالن جو عِلم ۽ حڪمت سان ڀرپور جواب ارشاد فرمائيندا آهن، اوهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت فرمايو ۽ عِلمِ دِين جو خزانو حاصِل ڪريو۔

ٻار به نمازي بڻجي ويا

تحصيل تله گنگ (ضلعي چڪوال، پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته هو توبه کان پهريان معاشري جو هڪ انتهائي بدڪار انسان هو۔ سگريٽ، چرس، شراب جيڪو ملندو هو اهو پئي ڇڏيندو هو۔ ان جي دل ۾ خواهش ته هئي ته نيڪ نمازي بڻجي وڃان پر عمل ڏانهن اچڻ ۾ نفس و شيطان هر ڀيري رڪاوٽ بڻجي ويندو هو۔ هڪ ڀيري رمضان المبارڪ ۾ همت ڪري روزا رکڻ شروع ڪيائين، روزانو رات جو مدني چينل تي ”مدني مذاڪرو ڏسڻ به نصيب ٿي ويو، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي حڪمت ڀري ڳالهين ان جي دل تي ايترو اثر ڪيو جو ان جي زندگي ۾ مدني انقلاب اچي ويو، اَلحَمدُ لله ان گناهن کان سچي توبه ڪئي ۽ چهري کي ڏاڙھي شريف سان سجائي ورتو، پنج ئي نمازون مسجد ۾ وڃي باجماعت ادا ڪرڻ لڳو، ان کي