Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

نمازون پڙھندو ڏسي ان جي 12 سالن جي پٽ ۽ 10 سالن جي نياڻي به نمازون پڙھڻ لڳي۔ پٽ ته باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ ان سان گڏ ويندو هو۔ (فیضان مدنی مذاکرہ، صفحہ:72)

ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua) ايپ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام ئي پياري موبائل ايپليڪيشن (Application) بنام ”ڪلمو ۽ دُعا“ (Kalma &Dua) جاري ڪئي آهي۔ هن ايپليڪيشن جي ذريعي تمام آسان انداز سان ٻارن جي تربيت ڪري سگھجي ٿي. * هن اپيليڪيشن ۾ ٻارن جي لاءِ 6 ڪلما آواز (Audio) جي صورت ۾ لفظ جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * روزمره جون 16 مختلف دعائون مثال طور پاڻي پيئڻ جي دُعا، کاڌو کائڻ کان پهريان جي دُعا، ۽ کاڌو کائڻ کان بعد جي دُعا، کير پيئڻ جي دُعا، سمهڻ وقت جي دُعا وغيره لفظ جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * ۽ مختلف موضوعن تي سنتون ۽ آداب مثال طور کاڌو کائڻ جون سنتون ۽ آداب، سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب، پاڻي پيئڻ جون سنتون ۽ آداب وغيره۔ اوهان به پنهنجي موبائل ۾ اها ايپليڪيشن انسٽال ڪري فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت هجي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔ (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220)

سنَّت کے مطابق میں ہر اِک کام کروں کاش!                          تُو پیکرِ سنَّت مجھے اللہ بنا دے