Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

”نرمي“ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (1): بيشڪ الله پاڪ نرمي فرمائڻ وارو آهي ۽ نرمي کي پسند فرمائي ٿو۔ (ابن ماجہ، کتاب:الادب، باب:الرفق، صفحہ:594، حدیث:3688) (2) : نرمي جنهن شيء ۾ هوندي آهي اُن کي زينت بخشيندي آهي۔ (ابو داؤد، کتاب:الادب، باب:فی الرفق، صفحہ:756، حدیث:4808)

اي عاشقانِ رسول! نرمي ڪرڻ اسان جي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري سنّت مبارڪه آهي بلڪه ”نرمي“ ته مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو مبارڪ وصف آهي جو الله پاڪ پنهنجي پاڪيزه ڪلام، قرآنِ ڪريم ۾ به ان جو ذِڪر فرمايو آهي، ارشاد آهي:  

فَبِمَا  رَحْمَةٍ  مِّنَ  اللّٰهِ  لِنْتَ  لَهُمْۚ-  (پاره4،سورةآلِ عمران:159)

ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ ڪهڙي نه الله جي مهرباني آهي جو اي محبوب! توهان انهن لاءِ مهربان ٿيؤ.

پيارا اسلامي ڀائرو! * اسان جي آقا وموليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نهايت نرم دِل هئا، * رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڇڙٻيندا ڪونه هئا، * پنهنجي ذات جي لاءِ ڪاوڙ نه ڪندا هئا، * ٻارن تي شفقت ڪندا هئا، * صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان سان نَرمي جو مُعَامَلو ڪندا هئا، حديثِ پاڪ ۾ آهي: هڪ ڀيري اَعرابي (عرب جو هڪ ڳوٺاڻو) مَسجِد نبوي شريف ۾ حاضِر ٿيو (ظاهر آهي اهو ڳوٺ جو رهواسي هو، مسجد جي آداب بابت گھڻي معلومات نه رکندو هو، ان ڪري ان) مسجد ۾ بيهي پيشاب ڪرڻ شروع ڪيو، صحابه ڪرام ان کي فرمايو: بيهو! بيهو! ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان کي روڪيو۔ ايستائين جو جڏهن اهو اَعرابي فارغ ٿيو ته رسولِ اڪرم، مبلغ اعظم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي گھرائي (نرمي) سان مَسجِد جا آداب سيکاريا ۽ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان کي ان جڳھ تي پاڻي هاري پاڪ ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو۔ (مسلم، کتاب:الطہارۃ، باب:وجوب غسل البول، صفحہ:123، حدیث:284)