Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

سيپاري: 3، سورۂ آلِ عمران، آيت:18 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

شَهِدَ اللّٰهُ اَنَّهٗ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا هُوَۙ-وَ الْمَلٰٓىٕكَةُ وَ اُولُوا الْعِلْمِ قَآىٕمًۢا بِالْقِسْطِؕ-  (پاره3،سورةآلِ عمران:18)    

ترجموڪنزالايمان: الله شاهدي ڏني ته ان کانسواءِ ڪوبه معبود ڪونهي ۽ ملائڪن ۽ عالمن انصاف سان بيهي ڪري،

 والِدِ اعليٰ حضرت، علَّامه مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن آيت مان عِلم (۽ عالمن) جون 3 فضيلتون ثابِت ٿيون: (1): الله پاڪ هن آيت ۾ پنهنجي ۽ ملائڪن جي تذڪري سان گڏ عالمن جو ذِڪر فرمايو، اهو اهڙو بُلند رُتبو آهي جو ان جي ڪا انتها ناهي (2): هن آيت ۾ الله پاڪ ملائڪن کي تَوحِيد جو گواھ بڻايو ۽ ملائڪن وانگر عالمن کي به توحيد جو گواھ بڻايو ۽ انهن جي گواهي کي پنهنجي سچي خُدا هئڻ جو دليل قرار ڏنو (3): هن آيت ۾ الله پاڪ عالمن جي گواهي کي ملائڪن جي گواهي وانگر معتبر قرار ڏنو۔ (فیضانِ علم و علما، صفحہ:9) معلوم ٿيو سچا، باعَمَل، عاشقانِ رسول عالم الله پاڪ جي وحدانِيت جا شاهد آهن۔

سيپاري: 28، سوره مُجَادله، آيت:11 ۾ الله پاڪ عالمن جي شان ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یَرْفَعِ اللّٰهُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْۙ-وَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ دَرَجٰتٍؕ-  (پاره28،سورةالمجادله:11)

ترجموڪنزالايمان: الله درجا بلند فرمائي ٿو توهان مان انهن جا، جن ايمان آندو ۽ جن کي علم ڏنو ويو.

 سُبحٰنَ الله! خبر پئي ته جھڙي طرح اِيمَان درجات جي بلندي جو سبب آهي، اهڙي طرح عِلم جي ذريعي به درجات بلند ٿيندا آهن۔

* ترمذي شريف جي روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: فَضلُ العَالِمِ عَلَي العَابِدِ کَفَضلِی عَلٰی اَدنَاکم يعني عالِم جي عابِد تي