Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

اهڙي فضيلت آهي، جيئن منهنجي فضيلت توهان جي ڪمتر تي۔ (ترمذی، کتاب:العلم، باب:ماجاء فی فضل الفقہ علی العبادۃ، صفحہ:632، حدیث:2685) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ اِرشَاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن الله پاڪ عالمن سڳورن کي فرمائيندو: بيشڪ مون پنهنجو عِلم ۽ حِلم توهان کي ان ڪري ڏنو ته جيئن توهان کي بخشي ڇڏيان۔ (معجم کبیر، ثعلبہ بن حَکَمْ اللیثی، جلد:2، صفحہ:354، حدیث:1364) * مڪي مدني آقا، اَحمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: قيامت جي ڏينهن الله پاڪ عبادت ڪرڻ وارن ۽ جهاد ڪرڻ وارن کي حڪم فرمائيندو: جنّت ۾ وڃو! عالم سڳورا عرض ڪندا: اِلٰهي! انهن اسان جي ٻڌائڻ سبب عبادت ڪئي ۽ جهاد ۾ شريڪ ٿيا۔ حڪم ٿيندو: اي عالمن جي جماعت! توهان مون وٽ ملائڪن جيان آهيو، شَفَاعت ڪيو جو توهان جي شفاعت قبول ٿيندي۔ پوءِ عالم سڳورا شفاعت ڪندا، پوءِ جنَّت ۾ ويندا۔ (احیاء العلوم، علم سکھانے کی فضیلت، جلد:1، صفحہ:60) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد ٿيو: جيڪو شخص ٻين کي سيکارڻ جي لاءِ عِلم جو هڪ باب سکي، ان کي 70 صديقن جو اَجر ڏنو ويندو۔ (الترغیب والترہیب، کتاب:العلم، صفحہ:45، حدیث:19) * منقول آهي، الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام کي فرمايو: اي ابراهيم! مان عِلم وارو آهيان، عِلم واري کي دوست رکان ٿو۔ (جامع بیان العلم، جلد:1، صفحہ:209، حدیث:236)

مجھ کو اے عطار سُنّی عالِموں سے پیار ہے            اِنْ شَاءَ اللہ دو جہاں میں میرا بیڑا پار ہے

(وسائِلِ  بخشش، صفحہ:699)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  سُبحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪريو! عالم سڳورا ڪيڏي وڏي شان وارا آهن، الله پاڪ اسان کي به عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام جو فيضان نصيب فرمائي۔ اچو! الله پاڪ جي هڪ ڪامِل ولي، وڏي بلند رُتبي واري باعَمَل عالِمِ دين، تَاجُ العُلَما، رَئِيسُ المُتَڪلِّمِين،  حضرت علَّامه مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ذِڪرِ خير ڪيون ۽ ٻڌون ٿا.