Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مختصر تَعَارف

* والِدِ اعليٰ حضرت، عالِمِ باعَمَل مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جمادي الاُخريٰ يا رجب المرجب جي مهيني ۾ 1246 هجري تي بريلي شريف ۾ پيدا ٿيا (فضائلِ دُعا، صفحہ:36) *  سندن والِد يعني اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا ڏاڏا سائين مولانا رضا علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي وقت جا زبردست عالِم دين، باڪرامت ولي، وڏا متقي، پرهيز گار ۽ عِبَادت گذار هئا، حضرت علامه مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام عُلُوم پنهنجي والِد صاحب ئي کان سکيا۔ (حیاتِ اعلیٰ حضرت، جلد1، صفحہ:39)  *مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ننڍپڻ ئي کان متقي، پرهيزگار هئا، الله پاڪ جي فضل سان شروع ئي کان طبيعت نيڪي ڏانهن مائِل هئي، پوءِ مولانا رضا علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي تعليم و تربيت ان ۾ مزيد نکار پيدا ڪري ڇڏيو * 1294 هجري ۾ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مارهره شريف حاضِر ٿيا ۽ شاھ آلِ رسول مارهروي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هٿ تي بيعت ڪيائون، شاھ آلِ رسول رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نيڪي، تقويٰ، پرهيز گاري، اعليٰ اخلاق ۽  ڪردار ۽ بلند شان ڏسي انهيء وقت پاڻ کي قادري، سهروردي، چشتي، نقشبندي چئني سلسلن جي اجازت ۽ خلافت سان نوازيائين ۽ سَنَدِ حديث به عطا فرمائي۔ ان وقت سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه به پنهنجي والِد مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان گڏ حاضِر هئا، پاڻ به انهيء وقت شاھ آلِ رسول رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ اعليٰ حضرت کي به پير ۽ مرشِد جي طرفان انهيء مهل چئني سلسلن جي اجازت ۽ خلافت عطا ٿي. (فضائلِ دُعا، صفحہ:40) * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عِلمِ دين سکڻ ۽ سيکارڻ جا وڏا شوقين هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ماڻهن کي عِلمِ دين جو شوق ڏياريندا رهندا هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجو سڄو وقت دين پڙھڻ ۽ پڙھائڻ ۽ ٻين ديني ڪمن ۾ گذاريندا هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ عام طور اَهلِ عِلم موجود رهندا هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه گفتگو ڪندا هئا ته ايئن لڳندو