Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

هو ته جيئن عِلم جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هجي * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مشڪل کان مشڪل مسئلو سولائي سان سمجھائيندا هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي گفتگو ۾ قرآني آيتن ۽ حديثن جا ڪثرت سان حوالا ڏيندا هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه گهري نظر، پخته فڪر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بي پناھ فهم ۽ فراست وارا هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏا عقلمند ۽ دانا هئا * والِدِ اعليٰ حضرت مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بامُرَوَّت ۽ رُعب ۽ دَٻدَٻي وارا هئا (مولانا نقی علی خاں بریلوی، صفحہ:30تا32ملتقطاً) * سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خلاصو آهي: غور ۽ فڪر، اعليٰ ذهانت، راءِ ۾ پختگي جهڙي صلاحيت الله پاڪ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي عطا فرمائي هئي اهڙي صلاحيت هن علائقي يعني هند ۾ ڏسڻ لاءِ نٿي ملي * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فراستِ صادقه (يعني خُدا داد دُور انديشي) جي اها حالت هئي جو جنهن معاملي ۾ جيڪو ڪجھ فرمايو اهو ئي ٿيو * پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڏا بهادر، سخي ۽ بلند همت وارا هئا. * صدقو ۽ خيرات اهو به پوشيده طور تي ڪثرت سان ڪندا هئا * جيڪو رِزق ملندو هو، ان تي قناعت ڪندا هئا، وڌيڪ جي لالچ نه ڪندا هئا *اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مزيد فرمائن ٿا: مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اعليٰ فضيلتن جو حقيقي حال اهو ئي ڄاڻي ٿو جنهن سندن برڪت ڀري صحبت جو شرف حاصِل ڪيو آهي جو

اِیْں نَہ بَحْرِیْسْتْ کَہْ دَرْ کُوْزَہ  تَحْرِیْر آَیَد

 يعني هي اهو سمنڊ ناهي، جنهن کي تحرير جي ڪوزي ۾ بند ڪري سگھجي۔ (حیاتِ اعلیٰ حضرت، جلد:1، صفحہ:40)

مفتي نقي علي خان جا لقب

* سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فتاويٰ رضويه شريف ۾ پنهنجي والِدِ ماجِد مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا لقب ۽ فضيلتون ۽ وصف بيان ڪندي فرمائن ٿا: