Hazrat Ibraheem Aur Namrood

Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

۾ پاڻ فخر جو اِظهار فرمايائون، ڄڻ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام نمرود کي اهو ٻڌائي رهيا هئا ته اي نمرود! تون اهو آهين جيڪو ماڻهن کي مجبور ڪري، سزائون ڏئي، ماڻهن جي حقن تي قبضو ڪري، ان ۽ اناج رَوڪي زبردستي پنهنجو پاڻ کي خُدا چورائين ٿو پر حقيقي خُدا اهو آهي جو مان مَجبُوراً اُن کي خُدا نٿو مڃان بلڪه مون کي فخر آهي ته مان ان خُدا جو ٻانهو آهيان، ان قُدرت واري خُدا تي يقين رکان ٿو، جيڪو زِندگي به ڏي ٿو، موت به ڏي ٿو، سج کي اوڀر مان ڪڍي ٿو، اولھ ۾ لاهي ٿو، اهو ئي سچو رَبّ آهي ۽ اهو ئي حقيقي مَعبُود آهي۔

اي عاشقانِ رسول! اهو جيڪو نمرود جي سامهون حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو مبارڪ انداز آهي، اها جيڪا لفظن جي چُونڊ آهي، اها ايمان کي تازگي بخشڻ واري آهي، اسان حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي مِثل ته نٿا ٿي سگھون، اسان کي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جيترو ايمان وارو نور ته نصيب نٿو ٿي سگھي، ڇوته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام نبي آهن، الله پاڪ جا خليل آهن، البته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي پيروي ۾، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي بارگاھ مان فيض حاصِل ڪري الحمد لله! اسان به هن ڳالھ تي فخر ڪيون ٿا ته اسان هڪ الله پاڪ وَحدَه لَاشَرِيڪ تي ايمان رکڻ وارا آهيون، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جيڪو زِندگي به ڏي ٿو، موت به ڏي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ تمام جهانن جو پالڻهار آهي، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جيڪو سڀني کي رِزق ڏي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جنهن زمين بڻائي، جنهن آسمان بڻايا، جنهن چنڊ سج، تارا بڻايا، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جيڪو گل، ميوا ڦٽائي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جيڪو برسات وسائي ٿو، برسات جي هڪ قطري کي سِپ ۾ رکي ان کي موتي بڻائي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جيڪو پاڻي جي هڪ بُوند مان جيئرو انسان بڻائي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جيڪو قُدرتن وارو آهي، جيڪو عظمتن وارو آهي، جيڪو رِفعتن وارو آهي، اسان جو رَبّ اهو آهي جنهن کي نه ننڊ اچي ٿي، نه