Hazrat Ibraheem Aur Namrood

Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

جهوٽو اچي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جنهن جي شان ۽ عظمت جا نظارا هر پاسي پکڙيل آهن، ذَرّو ذَرّو ان جي قُدرت جو مظهر آهي، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جنهن کي ڪڏهن فَنَا ناهي، اسان کي فخر آهي ته اسان جو رَبّ اهو آهي جنهن جي شان ۽ عظمت جي ڪا انتها ناهي، اسان کي فخر آهي ته اسان اُنهيء سچي، حقيقي خُدا جا مڃڻ وارا آهيون جنهن حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي پنهنجي دَستِ قُدرت سان بڻايو، اهو ئي رَبّ آهي جنهن حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلَام کي طُوفان ۾ محفوظ فرمايو، اهو ئي رَبّ آهي جنهن حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي لاءِ باھ کي گلزار بڻايو، اهو ئي رَبّ آهي جنهن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي لاءِ دريا ۾ رستا بڻايا، اهو ئي رَبّ آهي جنهن حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڪائنات تي حڪومت بخشي، اهو ئي رَبّ آهي جنهن حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي بنا پيءُ جي پيدا فرمايو ۽ اسان کي فخر آهي ته اسان اُن الله وَحْدَهٗ لَاشَرِیک تي ايمان رکڻ وارا آهيون جنهن تمام جهانن جي آقا ۽ موليٰ، سردارِ انبياء، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رَحْمَةُ لِّلعَالَمِيْن بڻائي موڪليو۔

وہی رَبّ ہے جس نے تجھ کو ہمہ تن کرم بنایا     ہمیں بھیک مانگنے کو تیرا آستاں بتایا

تجھے حمد ہے خُدایا

 بلڪه اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي ته اسان کي فخر آهي، سَو آهي، اسان ته هن ڳالھ تي به هزار ڀيرا فخر ڪيون ٿا ته الله پاڪ اسان کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اُمَّتِي بڻايو آهي، الحمد لله! اسان کي فخر آهي ته اسان اُن آقا جا غُلام آهيون جيڪو رَحْمَةُ لِّلعَالَمِيْن آهي، اسان اُن آقا جا غُلام آهيون جيڪو انبياء جو سردار آهي، اسان اُن آقا جا غُلام آهيون جن کي محبوبِ خُدا چيو وڃي ٿو، اسان اُن آقا، ٻنهي جھانن جي داتا، رسولِ خُدا، محبوبِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا غُلام ۽ اُمَّتي آهيون جن کي الله پاڪ عرش تي بلڪ ان کان به مٿي پنهنجي قُربِ خاص ۾ گھرايو، پنهنجو جلوو به ڏيکاريو،