Hazrat Ibraheem Aur Namrood

Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: ڪاوڙ پيئڻ جي نسبت حِلم وڌيڪ اَفضل آهي، حِلم عقل جي ڪمال جو دليل آهي۔ (اِحْیاءُالعلوم، جلد:3، صفحہ:535تا536)

اي عاشقانِ رسول! * حِلم الله پاڪ جي صِفَّت آهي، * جنهن خوش نصيب کي حِلم جي دَولت نصيب ٿي وڃي، * حِلم وارو الله پاڪ جو پسنديده ۽ پيارو ٻانهو بڻجي ويندو آهي، * ملائڪ حِلم واري جا مددگار ٿيندا آهن، * حِلم واري جي ماڻهو واکاڻ ڪن ٿا * ۽ حِلم وارو انسان بلند درجن تائين پهچي ويندو آهي۔*  سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: پنج شيون سُنتِ انبياء آهن، انهن مان هڪ حِلم آهي۔ (معجم کبیر، جلد:5، صفحہ:324، حدیث:11282) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ مسلمان حِلم جي ذريعي ڏينهن جو روزو رکڻ ۽ رات جو عبادت ڪرڻ واري جو درجو ماڻي وٺندو آهي۔ (معجم اوسط، جلد:4، صفحہ:369، حدیث:6273) * سرڪارِ عالي وقار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ الله پاڪ حِلم واري کي پسند فرمائي ٿو۔ (سنن کبریٰ بیہقی، کتاب:النکاح، باب:ماجاء فی قبلۃ الجسد، جلد:7، صفحہ:174، حدیث:13587) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: قيامت جي ڏينهن مخلوق کي گڏ ڪيو ويندو، هڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪندو: اَهلِ فَضۡل ڪٿي آهن؟ اهو ٻُڌي ڪجھ ماڻهو اٿي جلدي سان جنّت ڏانهن وڌي ويندا، ملائڪ انهن کان پڇندا؛ توهان جلدي جلدي جنّت ڏانهن ڇو وڃي رهيا آهيو؟ هو چوندا: اسان ئي اَهلِ فَضل آهيون۔ ملائڪ پڇندا: توهان جي فضيلت ڇا آهي؟ هو چوندا: جڏهن اسان تي ظُلم ڪيو ويندو هو ته اسان صبر ڪندا هئاسين، اسان سان بُرو رَوِيو اختيار ڪيو ويندو هو ته اسان مُعَاف ڪندا هئاسين ۽ جڏهن اسان کان ڪو جهالت وارو ورتاؤ ڪندو هو ته اسان حِلم جو مُظَاهرو ڪندا هئاسين۔ (شعب الایمان، باب:فی حسن الخلق، جلد:6، صفحہ263، حدیث:8086)

تُو عطا حِلْم کی بھیک کر دے                    میرے اخلاق بھی ٹھیک کر دے

تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے                      یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

(وسائِلِ بخشش، صفحہ:139)