Hazrat Ibraheem Aur Namrood

Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي ٻي وَصف جيڪا سوره هود جي آيت:75 ۾ ارشاد ٿي، اها اَوَّاہٌ آهي، اَوَّاہٌ جي لفظي معني آهي: گھڻو روئڻ وارو۔ عالم سڳورن ”اَوَّاہٌ“ جون 13 معنائون بيان ڪيون آهن، انهن معنائن جي اعتبار سان آيت سڳوري جو مطلب اهو ٿيندو ته * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام گھڻي گريه و زاري ڪرڻ وارا آهن، * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام گھڻو درد رکندڙ (يعني الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارا) آهن، * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام گھڻي عاجزي ڪرڻ وارا آهن، * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام وڌيڪ دُعائون ڪرڻ وارا آهن. * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام گھڻي تَوبَه ڪرڻ وارا آهن. * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام گھڻو رحم فرمائڻ وارا آهن، * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پختي يقين وارا آهن، * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام گھڻي تسبيح پڙھڻ وارا آهن، * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ڀلائي سيکارڻ وارا آهن، * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جهنّم کان گھڻو ڊڄڻ وارا آهن، * حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام بُرائي کان گھڻو بچڻ وارا آهن، * حبشي زبان ۾ ”اَوَّاہٌ“ رَحم ۽ ڪرم ڪرڻ واري کي چوندا آهن، هن لحاظ سان معني ٿيندي: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام گھڻو رَحم فرمائڻ وارا، گھڻو ڪرم ڪرڻ وارا آهن، * امام بُخَاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اَوَّاه اُن کي چوندا آهن، جنهن جي دل هر وقت الله پاڪ ڏانهن لڳل رهي، هن لحاظ سان معني ٿيندي: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام اهي آهن، جن جي دِل هر وقت الله پاڪ ڏانهن لڳل رهندي آهي۔ (تفسیرنعیمی، پارہ:12، سورۂ ھود، زیرِآیت:75، جلد:12، صفحہ224)

 حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي ٽئين وَصف جيڪا قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿي آهي اها مُنِيب آهي۔ اهو لفظ اِنَابَة مان نڪتو آهي ۽ اِنَابَة جي معني آهي: اَلرُّجُوْعُ مِنَ الْکُلِّ اِلیٰ مَنْ لَہٗ الْکُلُّ سڀ ڪجھ ڇڏي صِرف اُن جو ٿي وڃڻ جيڪو سڀني جو مالِڪ آهي. هن لحاظ سان آيت سڳوري جي معني ٿيندي: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام دُنيا ۽ دُنيا جو سڀ ڪجهه ڇڏي ، صِرف الله پاڪ ڏانهن رُجُوع ڪرڻ وارا آهن۔ (نضرۃ النعیم، جلد:3، صفحہ:540)