Hazrat Ibraheem Aur Namrood

Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

  سُبحٰنَ الله! اها آهي اَصل فرمانبرداري...! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن الله پاڪ جي اهڙي ڪمال فرمانبرداري اختيار ڪئي ته پاڻ کي اِنعَام ڇا مليو...؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَقَدِ اصْطَفَیْنٰهُ فِی الدُّنْیَاۚ-وَ اِنَّهٗ فِی الْاٰخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحِیْنَ(۱۳۰) (پاره1،سورۃالبقرۃ:130)  

ترجموڪنزالايمان: ۽ بيشڪ ضرور اسان ان کي دنيا ۾ چونڊيو. ۽ بيشڪ هو آخرت ۾ اسان جي خاص قرب جي قابليت وارن مان آهي.

   هن آيت ۾ الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جا ٻه بُلند شان بيان ڪيا آهن: (1) الله پاڪ دُنيا ۾ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي کوڙ سارين صفتن سان گڏ چونڊي ورتو، پاڻ کي نبوت عطا ٿي، کين رسول بڻايو ويو، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي اِمامت ڏني وئي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کان پوءِ جيترا نبي ٿيا، سڀئي سندن اَولاد مان ٿيا، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي الله پاڪ پنهنجو خليل بڻايو، حضرت ابراهيم
 
عَلَيۡهِ السَّلَام تي ئي حج جا افعال ظاهر ٿيا، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ئي جو بڻايل ڪعبو هميشه جي لاءِ باقِي رکيو ويو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ئي جو آباد ڪيل مڪو پاڪ مقامِ اَمَن بڻايو ويو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ئي جي تمام آسماني دِين وارا ساراھ ڪن ٿا، عرب و عَجَم ۾ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي نالي جي شهرت آهي، ۽ ٻيو شان اهو ته (2): حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي الله پاڪ آخرت ۾ خاص صالحين ۾ رکيو يعني قيامت جي ڏينهن خاص تاجِ وِلايت پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي مٿي تي رکيو ويندو، قيامت جي ڏينهن حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي خاص عزت جي پوشاڪ پارائي ويندي، آخرت ۾ سڀ ڏاڙھي ڪوڙ هوندا، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي مبارڪ چهري تي ڏاڙھي پاڪ هوندي ۽ قيامت جي ڏينهن حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ئي جي شهزادي احمد مجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ۽ عظمت ڏيکاريو ويندو۔ (تفسیرنعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:130، جلد:1، صفحہ:744بتغيرقليل)